هڪ هزار ديهن جو مڪمل طور تي سڙي ويل روينيو رڪارڊ فوري طور تي ٻيهر تيار ڪيو وڃي: ڏھر
حيدرآباد: روينيو واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر روينيو عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007 تي شهادت کانپوءِ ٿيل واقعن دوران صوبي جي 24 تعلقن جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ديهن جو مڪمل طور تي سڙي ويل روينيو رڪارڊ فوري طور تي ٻيهر تيار ڪري 15 جنوري 2011 تائين جمع ڪرائين ته جيئن روينيو کاتي جي ڪاروهنوار کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلائي سگهجي _ هن اهڙي هدايت اڄ بورڊ آف روينيو آفيس حيدرآباد ۾ صوبي جي مختلف تعلقن جي ڊي ڊي اوز جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل واقعن دوران صوبي جي 122 تعلقن مان 24 تعلقن جي 1000 کان وڌيڪ ديهن جو روينيو رڪارڊ مڪمل طور تي سڙي چڪو آهي وڌيڪ اهو ته ڄاڻايل ديهون ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد ( نوابشاهه) ، مٽياري ۽ ٻين ضلعن جون آهن جنهن تي صوبائي وزير ڄاڻايل 24 تعلقن جي ڊِي ڊي اوز کان تفصيل ورتا ۽ کين هدايت ڪئي ته اهي فوري طور تي روينيو رڪارڊ ٻيهر تيار ڪري 15 جنوري تائين جمع ڪرائين ان سلسلي ۾ 18 جنوري 2011 تي هڪ گڏجاڻي پڻ رکي وئي آهي جنهن ۾ سموري رڪارڊ کي حتمي شڪل ڏني ويندي _ گڏجاڻي ۾ روينيو واري سيڪريٽري اڪبر لغاري، ميمبر بورڊ آف روينيو ديوان اقبال ، محمد قاسم لاشاري، رياض حسين سومرو ۽ ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.