حيدر آباد
هلال احمراسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر 26 ڊسمبر 2010 تي ڪيمپ لڳائيندي
حيدرآباد :هلال احمر اسپتال قاسم آباد حيدرآباد جي انتظاميه پاران هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلال احمراسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر 26 ڊسمبر 2010 تي صبح جو 9 وڳي کان ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين هڪ مفت طبي ڪيمپ لڳائي پئي وڃي جنهن ۾ فزيشن ڊاڪٽر آغاثناءَ الله، عورتن جي بيمارين جي ماهرڊاڪٽر ارم شيخ، ٻارڙن جو ماهر ڊاڪٽراشفاق ميمڻ ۽ الٽراسائوند جي ڊاڪٽر سنڌو ميمڻ مريضن جو مفت علاج ڪري کين دوائون پڻ فراهم ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي اي سي جي، الٽراسائونڊ ۽ بلڊ شگر ٽيسٽ جي سهولت به دستياب هوندي.