نوشهرو فيروز ۾ پوليو مھم 28 ڊسمبر کان 30 تائين ٽن ڏينهن لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي
نوشهرو فيروز: ملڪ ۾ ٻين حصن جيان ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پڻ 28 ڊسمبر کان 30 تائين ٽن ڏينهن واري پوليو مهم شروع ڪئي پئي وڃي .ان سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس اي ڊي او روينو منظوراحمد سومرو جي صدارت ۾ سندس آفس ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي منظور احمد سومرو چيو ته پوليو خلاف مهم ۾ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. ته جيئن هن موذي مرض کي روڪي سگهجي. هن چيو ته هن قومي فريضي ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته ڪو به ٻار ڦڙن پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هن خاص طور تي ٽرانزٽ پوائنٽ تي وڌيڪ پوليو ٽيمون مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو ته جئين سفر ڪندڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سگھجن. ان کان اڳ صحت کاتي جي انچارج ڊاڪٽر فدا حسين انتظامن بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايوته هن مهم دوران ضلعي جي 230000 پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جي بچا ءِ جا ڦڙا پياريا ويندا. جنهن لاءِ ضلعي جي اندر 684 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.ان کان سواءِ مختلف بس اسٽاپن ءِ ريلوي اسٽيشنن تي 29 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن. هن چيو 2010 ۾ پوليو جو ڪوبه ڪنفرم ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوٽري ڪبير ءِ شاهپور جهانيان ۾ نيشنل هاءِ وي تي پوليس چيڪ پوسٽن تي بسون ءِ ٻي پبلڪ ٽراسپورٽ بيهاري گاڏين ۾ موجود ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا.اجلاس ۾ ڊي او روينيو سڪندر خشڪ، ڊي ڊي او روينو، صحت ، تعليم ءِ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي