نئين ديري لڳ اغوا ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف احتجاج
نئون ديرو (نيوز ڊيسڪ) نئين ديري لڳ ڳوٺ ڦلپوٽي جي پورهيت بخت پٽ علي نواز کي پوليس آزاد ڪرائي نه سگهي آهي، جنهن ڪري مغوي جي گهر اندر روڄ راڙو ۽ مايوسي ڇانيل آهي ۽ سندس پيرسن امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، هوڏانهن مغوي جي وارث جوابدارن علي مدد ناريجي، علي ڏني، سڪندر، غلام علي، حڪيم ۽ ٻين مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. پر ڪيٽي ممتاز پوليس جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار نه ڪيو آهي، ٻئي طرف وارثن پاران انور ناريجي، غلام نبي، امداد، ممتاز ناريجي جي اڳواڻي ۾ نوجوان جي آزادي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي مغوي جي ڀاءُ انور ناريجي چيو ته ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي، پوليس ڀاءُ کي آزاد ڪرائي نه سگهي ۽ نه وري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ته آر پي او سکر، ڊي آءِ جي، ڊي پي او لاڙڪاڻي کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.