اسلام آباد

ميڊيا ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي صحافين لاءِ ويزا پابندي نه هجڻ گهرجي: افغانستان جو اطلاعات ۽ ثقافت وارو وزير

اسلام آباد (اي پي پي) افغانستان جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير ڊاڪٽر سيد مخدوم رهين زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي صحافين لاءِ هڪٻئي جي ملڪ ۾ اچڻ وڃڻ جي حوالي سان ويزا پابنديون نه هئڻ گهرجن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي صحافين جي گڏيل رابطن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ملي سگهي. ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي صحافين جي گڏيل ايسوسيئيشن پڻ جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل رابطن ۾ اضافي کانسواءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف سهڪار کي فروغ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن قومي خابرو اداري اي پي پي جي هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ڪيو. افغان وزير سيد مخدوم رهين جي قيادت ۾ افغان وفد جي آمد جي موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد رياض آڌرڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي هن افغان وفد کي اي پي پي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ اي پي پي جي افغانستان جي خابرو اداري سان تعاون جي حوالي سان آگاهي ڏني. افغان وزير پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل ميڊيا حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار تي زور ڏنو ته جيئن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو گڏيل مقابلو ڪري سگهجي ۽ انتهاپسنداڻي سوچ کي تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن مان انتهاپسنداڻي سوچ جي خاتمي ۾ ميڊيا هڪ مثالي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته مون پنهنجي زندگي جا قيمتي سال پاڪستان ۾ گذاريا آهن ۽ کيس پاڪستان سان بيحد محبت آهي. پاڪستان ۽ افغانستان هڪ جهڙي مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيائي رابطن جي رشتن ۾ ٻڌل آهن. پاڪستان هميشه افغان قوم جي مدد ڪئي آهي. افغان وزير شاعر مشرق علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته علامه اقبال جو افغانستان ۾ پڻ بيحد احترام ڪيو وڃي ٿو، ان جي فارسي شاعري افغانستان ۾ بيحد مقبول آهي ۽ ان جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن کان اي پي پي ۽ افغان بختار نيوز ايجنسي ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي حوالي سان معاهدن جي تجديد تي اتفاق ڪيو ويو. اهو معاهدو 1980ع جي وچ ڌاري ٿيو هو پر بعد ۾ اهو معاهدو غيرموثر ٿي ويو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button