سکر

موبائل ٻوليءَ کي نقصان پھچايو آھي: ڊاڪٽر محبوب

سکر : انگريزي ٻولي کي موبائل فون ذريعي ٿورن لفظن ۾ ميسيج لکڻ، موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ڪري نقصان رسيو آهي ۽ هي لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي تنهن ڪري اسان کي چوڪس رهڻو پوندو ته جيئن ٻولي کي بچائي سگهجي. اهڙو اظهار ڊاڪٽر محبوب علي شيخ چيئرمين بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر پبلڪ اسڪول سکر جي جونيئر سيڪشن طرفان منعقد ڪيل “پهرين اسپيلنگ ڪامپيٽيشن” جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٻن ٽيچرس زينت جهان ۽ صائمه ڊومڪي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استادن کي خاص ڪري گورنمينٽ اسڪولن جي استادن کي مشورو ڏنو ته هو ٻارن کي صحيح تلفظ ۽ اچار سکارين، هن اسڪول جي انتظاميا کي مشورو ڏنو ته اهڙي قسم جا پروگرام وڏي پيماني تي شروع ڪن ته جيئن ٻيا شاگرد به ان مان فائدو حاصل ڪن. ڊاڪٽر محبوب شيخ چٽا ڀيٽيءَ ۾ شريڪ شاگردن جي ڪارڪردگي ۽ جذبي کي ساراهيو. هن ٻارن کي مشورو ڏنو ته هو انگريزي زبان سکن، تقريب ۾ پرنسپال نثار الله بلوچ، استادن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button