ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي: عملدار ۽ صنعتڪار
حيدرآباد : سنڌ جي سرڪاري عملدار ۽ صنعتڪارن بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي نوجوانن کي فني ۽ پيشور تربيت فراهم ڪرڻ تي موجوده حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ان پروگرام کي ساڳئي نالي سان جاري رکڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي تنهنڪري نوجوانن کي باصلاحيت بنائڻ جي لاءِ تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان طبقو معاشري لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿو _ هنن اهڙو اظهار اڄ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ بينطير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولمنيٽ پروگرام، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي گڏيل سهڪار سان ضرورت آهر تربيت کي تربيت ڏيڻ جي عنوان سان ڪرايل هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو _ ورڪشاپ کي صدارتي خطاب ڪندي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ڪراچي جي اڳوڻي صدر مجيد عزيز چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تحت موجوده حۡڪومت نوجوانن کي باصلاحيت بنائڻ ۽ ملڪي افرادي سگهه کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري سان يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جو آغاز ڪري ملڪ ۾ خوشحالي جون راهون هموار ڪيون آهن جنهن جا مستقبل ۾ مثبت نتيجا ظاهر ٿيندا تنهنڪري هن پروگرام کي ساڳئي نالي سان مستقبل ۾ به جاري رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو هن پروگرام جو اعزاز شهيد محترمه بينظيرڀٽو ڏانهن ئي وڃي ٿو _ هن چيو ته هن پروگرام تحت نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪرڻ ۾ صنعتڪارن جو اهم ڪردار آهي تنهنڪري پروگرام جي ڪاميابي سرڪاري ۽ خانگي ادارن تي منحصر آهي _ هن چيو ته صوبي جي نوجوانن جو خانگي نوڪرين جي ڀيٽ ۾ سرڪاري نوڪرين ڏانهن لاڙو ۽ تعليم جو ڪرندڙ معيار معاشري جو وڏو الميو آهي _هن خاطري ڪرائي ته هن پرگرام جي لاءِ صنعتڪارن جو ڀرپور سهڪار رهندو _ ان موقعي تي ڳالهائيندي حيدرآباد بزنس پينل جي چيئرمين محمد امين کتري صوبي جي تعليمي معيار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر ۽ پراڻي نظام جي تسلسل سان معاشرو تباهي جي ور چڙهي ويندو تنهنڪري وقت جي ضرورت کي سمجهندي بينظير ڀٽو شهيد ڊولپمينٽ پروگرام جهڙا منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن _ هن چيو ته يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام مان وڏيون اميدون وابسته آهن _ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ڪريم بخش صديقي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت هن پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ پهرين مرحلي ۾ 32131 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 29203 نوجوانن کي فني تربيت ڏئي چڪي آهي جڏهن ته ٽئي مرحلي ۾ 47 هزار درخواستون مليون آهن جڏهن ته موجوده مالي سال 2011_2010 جي بجيٽ ۾ 50 هزار نوجوانن کي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ 2.5 بلين رپيا مختص ڪياو يا آهن _ هن ٻڌايو ته ٻنهي مرحلن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ 62 هزار نوجوانن مان اڪثريت اڃا تائين بيروزگارن جي آهي_ هن چيو ته يوٿ پروگرام جا نتيجا مثبت ظاهر ٿيا آهن _ هن پروگرام ذريعي نوجوانن کي فني ۽ پيشور تربيت فراهم ڪري انهن کي روزگار جي قابل بڻايو ويو آهي جنهن سان نه فقط ملڪ جي افرادي سگهه باصلاحيت ٿي آهي پر گڏوگڏ لڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ڍانچي کي پڻ هٿي ملي آهي _ هن چيو ته قدرتي وسيلي جي ڀيٽ ۾ افرادي سگهه ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿي ۽ موجوده حۡڪومت طرفان افرادي سگهه تي انحصار ڪرڻ ترقي جي ضمانت آهي _ هن چيو ته ملڪ جي نوجوان جي صلاحيتن کي استعمال نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان معاشري لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا _ هن ٻڌايو ته يوٿ پروگرام جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي جاپان سوشل فنڊ عالمي بينڪ وسيلي پاڪستان کي هن پروگرام جي لاءِ 3 ملين رپيا گرانٽ ڏني آهي جيڪا رقم سنڌ جي اقتصادي سرگرمين ۾ شامل نوجوانن ، متاثر نوجوانن ۽ عورتن جي روزگار تي خرچ ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ يوٿ ايمپلائمينٽ سروسز تحت پڻ نوجوانن کي فني تربيت ۽ روزگار فراهم ڪيو پيو وڃي _ ان موقعي تي خطاب ڪندي حِيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اڳوڻي صدر عزيز الدين آرائين چيو ته صوبي جا سمورا صنعتڪار سنڌ حڪومت سان هر مرحلي تي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن جڏهن ته ملڪي خوشحالي ۽ ترقي وارن منصوبن ۾ صنعتڪارن جو ڪردار اڻٽر آهي _ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي اطلاعات کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد امداد علي ڪيريو چيو ته حۡڪومت طرفان عوامي ڀلائي جي منصوبن جي عوام ۾ مناسب آگاهي نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ اهي منصوبا متاثر ٿين ٿا _ هن چيو ته عوامي ڀلائي توڙي صنعتڪاري سرگرمين جي حوالي سان بهتري منصوبه بندي ۽ عوام ۾ ان جي ذميواري جي احساس کي اجاگر ڪرڻ سان ئي منصوبن جي ڪاميابي ممڪن ٿي سگهي ٿي _ ٻئي صورت ۾ اهي منصوبا تباهي جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ عوام انهن مان لاڀ حاصل نٿو ڪري سگهي _ ان موقعي تي اي ڊي او روينيو برڪات رضوي ، سيده معصومه رضوي، عاشف ميمڻ ۽ ٻين عملدارن پڻ خطاب ڪيو .