مرتضيٰ جا قاتل آزاد ٿيڻ کي سال مڪمل، پيپلز پارٽي (ش ڀ) جو سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن، مظاهرا
ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) پيپلز پارٽي (ش ڀ) جي باني چيئرمين شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي قتل واري ڪيس مان جوابدارن جي بريت خلاف ڪالهه 5 ڊسمبر واري ڏينهن کي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. ان ڏس ۾ پيپلز يوٿ (ش ڀ) جي مرڪزي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ به ڪارڪنن ڪارو ڏينهن ملهائي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي المرتضيٰ هائوس ۽ گهرن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا. جڏهن المرتضيٰ هائوس کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي يوٿ جي مرڪزي صدر غلام رسول عمراڻي، آصف جتوئي، حاجي خان بروهي، سردار جاگيراڻي، اشفاق عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪري حڪومت خلاف سخت نعرا لڳايا ۽ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو. جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 5 ڊسمبر تي اسان جي قائد شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيڻ بجاءِ ڪيس مان بري ڪيو ويو ۽ اهو ڏينهن تاريخ ۾ ڪاري باب جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ڪري هن ڏينهن تي ڪو به غيرتمند ۽ ڀٽو خاندان جو حقيقي چاهيندڙ خوشي نه ٿو ملهائي سگهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان 5 ڊسمبر واري ڏينهن کي 20 سيپٽمبر جي برابر سمجهون ٿا، شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي شهادت ۽ قاتلن جي بريت وارا ٻئي ڏينهن هڪ جهڙا آهن. هوڏانهن سپاف (ش ڀ )طرفان چانڊڪا ڪاليج ۾ احتجاج طور جنرل باڊي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سپاف جي مرڪزي آرگنائيزر غلام نبي مغيري، محمد فاضل کوسي، حبيب پتوجي، حيدر سمي، لالو سرهيي، رضا سيلري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي قتل ڪيس مان جوابدارن کي هڪ سازش تحت باعزت بري ڪيو ويو،آخر ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ پيپلز يوٿ شهيد ڀٽو طرفان حيدرآباد ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، مختلف چوڪن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي علي پيلس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري کي خطاب ڪندي مجيد سومري، ڪاشف باغي، حمير اڄڻ، سعد الله پنهيار ۽ ٻين چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي سندس ئي گهر ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث قاتلن کي ڦاسي ڏيڻ بجاءِ باعزت بري ڪيو ويو. هنن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي اپيل ڪئي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. موري ۾ ڪارڪنن ڪامريڊ سليم راجپوت، اصغر عالمي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندي انصاف جو جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو، گهاري ۾ نواز خاصخيلي، خادم ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ واحد گوپانگ، شوڪت چانڊيي ۽ ٻين ڪاري ڏينهن جي اڳواڻي ڪئي. دادو ۾ علي محمد جمالي، شاهه نواز لانگاهه ۽ شبير سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ خالد کوسي، سليمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندي احتجاج ڪيو ويو، ڪڪڙ ۾ شاهه نواز بروهي، شبير ساريي ۽ ٻين ڪاري ڏهاڙي جي اڳواڻي ڪئي، جوهي ۾ سجاد رودناڻي، يوسف سولنگي ذوالفقار جمالي جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو. لعلورائنڪ ۾ ادريس مغيري ۽ اصغر سمي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن احتجاج طور نڪري آيا، نوشهري فيروز ۾ غلام سرور، محمد خان وسطڙي، وزير وڳڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دوڙ ۾ منظور چانڊيي، اياز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ويو. ٽنڊي باگي ۾ عبدالعزيز چانڊيي، غلام مصطفيٰ ڪاتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، نواب شاهه ۾ جاويد لانگاهه، زاهد عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ نثار راجپوت، احمد خان شيرائي جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، نصيرآباد ۾ ممتاز ڪلهوڙي، زاهد سومري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، احتجاج دوران ڪارڪنن کي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون ۽ ڪاري ڏينهن طور گهرن ۽ ٻين عمارتن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا هئا. جڏهن ته اڪثر شهرن ۾ ڪارڪنن جي ڌرڻن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي (ش ڀ) باني شهيد مير مرتضيٰ ۽ ساٿين جي قتل ڪيس مان جوابدار بري ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.