محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو
حيدرآباد : صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو ۽ هميشه وانگر هن ڀيري به ضلع ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته حڪومت پاران دهشتگردي جي واقعن جي خطري کي نظر ۾ رکندي عوام جي جان ۽ مال جي تحفط کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ اختيار ڪيا پيا وڃن هو اڄ شهباز هال حيدرآباد
۾ منعقد امن ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو – صوبائي وزير گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ آمرن وانگر فوج جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ نه آئي پر اها عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آئي آهي ۽ حڪومت عوام کي سندن مذهب ۽ عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي – هنن چيو ته حيدرآباد ڪافي وقت کان پر امن رهيو آهي – هن مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ عالمن تي زور ڀريو ته اهي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري ڀائيچاري واري ماحول کي هٿي وٺرائين ته جئين اسلام دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ڌوڙ ۾ ملائي سگهجي –هن لاڳاپيل عملدارن کي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن کي فوري طور صاف ڪرڻ ، اسٽريٽ لائيٽن، حددخلين کي هٽائڻ ۽ رستن جي مرمت واري ڪم کي پهرين محرم کان اڳ مڪمل ڪرڻ جون هدايت ڪئي – هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پڻ دهشتگردي واري واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس ڀرپور سهڪار ڪن ۽ انهن پاران جاري ڪيل هدايت نامي تي پڻ عمل ڪن – صوبائي وزير گڏجا ڻي ۾ ايم ڊي واسا جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو – صوبائي وزير ضلعي پوليس آفيسر منير احمد شيخ پاران محرم الحرام دوران ڪيل انتظامن جي واکاڻ ڪندي هدايت ڪئي ته اهو سيڪيورٽي واري انتظامن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ پڻ جوڳا اپا اختيار ڪري – هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ کان پاسو ڪن جنهن تي حيسڪو جي عملدارن گڏجاڻي کي يقين ڏياريو ته پهرين محرم کان 10 محرم تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي – ان کان اڳ ضلعي پوليس آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن گجاڻي کي تفصيلي بريفنگ ڏني – گڏجاڻي پ پ پ ضلعي حيدرآبد جي سينئر نائب صدر امان الله سيال ، روشن سولنگي ، عبدالجبار خان، نورالنساءَ ابڙو، پاشا قاضي، آفتاب احمد خانزادو، قائم مقام ڊي سي او برڪات احمد رضوي، اي ڊي او هيلٿ حيدرآباد ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندوحيدرآباد : صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو ۽ هميشه وانگر هن ڀيري به ضلع ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته حڪومت پاران دهشتگردي جي واقعن جي خطري کي نظر ۾ رکندي عوام جي جان ۽ مال جي تحفط کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ اختيار ڪيا پيا وڃن هو اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ منعقد امن ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو – صوبائي وزير گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ آمرن وانگر فوج جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ نه آئي پر اها عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آئي آهي ۽ حڪومت عوام کي سندن مذهب ۽ عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي – هنن چيو ته حيدرآباد ڪافي وقت کان پر امن رهيو آهي – هن مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ عالمن تي زور ڀريو ته اهي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري ڀائيچاري واري ماحول کي هٿي وٺرائين ته جئين اسلام دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ڌوڙ ۾ ملائي سگهجي –هن لاڳاپيل عملدارن کي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن کي فوري طور صاف ڪرڻ ، اسٽريٽ لائيٽن، حددخلين کي هٽائڻ ۽ رستن جي مرمت واري ڪم کي پهرين محرم کان اڳ مڪمل ڪرڻ جون هدايت ڪئي – هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پڻ دهشتگردي واري واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس ڀرپور سهڪار ڪن ۽ انهن پاران جاري ڪيل هدايت نامي تي پڻ عمل ڪن – صوبائي وزير گڏجا ڻي ۾ ايم ڊي واسا جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو – صوبائي وزير ضلعي پوليس آفيسر منير احمد شيخ پاران محرم الحرام دوران ڪيل انتظامن جي واکاڻ ڪندي هدايت ڪئي ته اهو سيڪيورٽي واري انتظامن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ پڻ جوڳا اپا اختيار ڪري – هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ کان پاسو ڪن جنهن تي حيسڪو جي عملدارن گڏجاڻي کي يقين ڏياريو ته پهرين محرم کان 10 محرم تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي – ان کان اڳ ضلعي پوليس آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن گجاڻي کي تفصيلي بريفنگ ڏني – گڏجاڻي پ پ پ ضلعي حيدرآبد جي سينئر نائب صدر امان الله سيال ، روشن سولنگي ، عبدالجبار خان، نورالنساءَ ابڙو، پاشا قاضي، آفتاب احمد خانزادو، قائم مقام ڊي سي او برڪات احمد رضوي، اي ڊي او هيلٿ حيدرآباد ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي