محرم الحرام حقيقت ۾ صبر ۽ تحمل، برداشت ۽ شفافيت جو سبق ڏئي ٿو ۽ جابر قوتن جي سامهون حق جو اظهار ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ، اسلام جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ اسلامي تعليم کي پنهنجي روز مرهه جي زندگي جو عملي حصو بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته محرم الحرام حقيقت ۾ صبر ۽ تحمل، برداشت ۽ شفافيت جو سبق ڏئي ٿو ۽ جابر قوتن جي سامهون حق جو اظهار ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، هن اها ڳالهه نئين هجري سال 1432هه جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪئي، اڄ پهرين محرم الحرام سان نئين اسلامي سال جي شروعات ٿي رهي آهي، اسلامي تاريخ ۽ واقعن جي ڏس ۾ هن مهيني جو تقدس ۽ مسلمان جو احترام آهي، حقيقت اها آهي ته اسلامي ڪئلينڊر جي شروعات محرم مهيني کان ۽ پڄاڻي ذوالحح مهيني تي ٿئي ٿي ۽ هي ٻئي مهينا قرباني، ايثار ۽ شهادت جا اهڙا حوالا آهن جيڪي تاريخ جي ڪيترن ئي صحفن تي گذريل 14 سئو سالن کان روشن ڪيو اچن. هن چيو ته نئين اسلامي سال جي شروعات تي اسان کي انهن حالتن ۽ مسئلن جو جائزو وٺڻ گهرجي جيڪي عالم اسلام کي درپيش آهن. الله تعاليٰ عالم اسلام کي بيپناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، آبادي جي حساب سان مسلمانن کي نمايان مقام حاصل آهي ۽ انسانيت جي لاءِ مسلمانن جي خدمتن جو سلسلو صدين تي پکڙيل آهي،