قيصر بنگالي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيو
قيصر بنگالي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيوسکر: وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار قيصر بنگالي ، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن۽ ٽريننگ اٿارٽي، مسٽر عبدالواحد عقيليءَ سان گڏ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيو. هن ادارن جي مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو. انهي موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته هر مرد توڙي عورت لاءِ فني تعليم ايئن اهم آهي جيئن بنيادي تعليم. موجوده حڪومت پاران اهڙا تربيتي پروگرام جوڙيا پيا وڃن، جن جي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ مرد توڙي عورت پاڻ کي مستحڪم ڪري سگهن . هن واسطيدار عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شاگردياڻين کي مختلف ڪورسن ۾ ڏني ويندڙ تربيت کانپوءِ گهربل ضروري سامان پڻ مهيا ڪر ي ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ گهريلو صنعتڪاريءَ کي فروغ ڏئي ڪري عورتن جي معيارزندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڊسپلي سينٽر پڻ قائم ڪيا پيا وڃن، ته جيئين اهڙن تمام هنرن کي ڌيڪ هٿي ملي سگهي. هن چيو ته شاگردياڻين کي وظيفي ڏيڻ جي عمل کي بهترج ڪيو پيو وڃي .ته جيئن اهو ٺيڪ طرح سان اميدوارن کي ملي سگهي ۽ شاگردياڻين ۾ ڪنهن به قسم جي اميري، غريبيءَ جو فرق نه رهي . سنڌ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن طرفان ورتي ويندڙ فيس جي خاتمي تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي ۽ هنري تعليم کي اجا ڳر ڪرڻ لاءِ پڻ حڪومت پاران مختلف اپاءُ ورتا پيا وڃن.