ضلعي جي سڀني فرقن اندر ڀائيچاري وارو ماحول آهي: علي احمد خان لنڊ
ٽنڊو محمد خان: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ ضلعي جي سڀني لاڳاپيل عملدارن کي محرم الحرام کان اڳ انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي جي سڀني فرقن اندر ڀائيچاري وارو ماحول آهي تنهن هوندي به ضلعي انتظاميه ۽ پوليس پاران امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪئي ويندي ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ محرم الحرام جي حوالي سان عوامي نمائندن، مختلف فرقن جي عالمن، پوليس کاتي جي عملدارن ۽ ضلعي امن ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته ضلعي ۾ امن امان واري فضا قائم آهي _ هن ضلعي پوليس کاتي کي عوام جي سهولت ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي ترت ڪارروائي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ، سماج دشمن عنصرن ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙِي نظر رکڻ، وال چاڪنگ، چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ اڻوڻندڙ واقعن تي ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي ۽ امن امان واري ماحول کي قائم رکي ڀائيچاري کي هٿي وٺرائِي سگهجي _ هن، ٽي ايم اوز کي صفائي سٿرائي جا انتظام ڪرڻ ۽ اسٽريٽ لائيٽ کي صحيح حالت ۾ رکڻ جون هدايتون ڏنيون جڏهن ته واپڊا جي اختيارين کي جلوسن ۽ مجلسن دوران بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي _ گڏجاڻي ۾ ڊي پي او ٽنڊو محمد خان رياض سومرو پوليس پاران ورتل انتظامن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته جلوسن وارن هنڌن تي وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته ضرورت پوڻ تي پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪار پڻ مقرر ڪري سگهبا _ هن چيو ته مجلسن ۽ جلوسن دوران پوليس هر قسم جو سهڪار ڪندي _ هن عزادارن کي اپيل ڪئي ته هو جلوسن جي مقرر ڪيل گذرگاهن ۽ مجلسن جي وقت جي پابندي ڪن ته جيئن اتنظامن ۾ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي _ هن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو الرٽ رهن ۽ مشڪوڪ ۽ ڌارين ماڻهن تي ڪڙي نظر رکن _ گڏجاڻي ۾ پ پ پ ضلعي نائب صدر اعجاز نبي شاهه، اي ڊي او هيلٿ ڪاظم رضا شاهه، اي ڊي او ايجوڪيشن محمد سومرو سميت ٻين ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي