ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ورتل حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارن انتظامن جو جائزو ورتو
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري اڄ ايم اين اي طيب حسين، ايم پي اي سهيل يوسف، ڊي پي اوحيدرآباد منير احمد شيخ ۽ لاڳاپيل عملدارن سان گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ورتل حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارن انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت تعلقي لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ قائم امام بارگاهن ۽ محرم الحرام دوران نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن وارن هنڌن جو معائنو ڪيو ۽ اتي موقعي تي موجود ايم ڊي واسا کي جلوسن جي گذرگاهن وارن هنڌن تي گڏ ٿيل گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ لاڳاپيل ايڊمنسٽريٽرن کي صفائي سٿرائي، گهٽين ۽ رستن تي لائيٽنگ سميت رستن جي ترت مرمت ڪرائڻ جي هدايت ڪئي _هن امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ منتظمين کي هدايت ڪئي ته هو منعقد ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن جي ويڊيو +فلم ضرور ٺهرائين ته جيئن شرپسند عنصرن جي سڃاڻپ ڪري شهر کي ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان محفوظ رکي سگهجي _ هن چيو ته ماڻهن جي مدد کانسواءِ سيڪورٽي جا اثرائتا انتظام ناممڪن آهن _ هن چيو ته ڪنهن به شخص کي پنهنجي مجلس ۾ بنا تلاشي داخل ٿيڻ نه ڏين ۽ صرف هڪ يا ٻه داخلي رستا قائم ڪن _ هن چيو ته خواتين جي تلاشي لاءِ مجلسن جي منتظمين خواتين پوليس سان گڏجي پنهنجي خواتين رضاڪار پڻ مقرر ڪن _ ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري وڌيڪ چيو ته پوليس پاران جاري ڪيل هدايت نامي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي _ ان موقعي تي ايم اين اي سيد طيب حسين چيو ته هر عام ۽ خاص ماڻهو تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو محرم الحرام دوران شهر جي حفاظت ۽ ٻِين ڪمن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري _ هن رستن تي قائم ايل پي جي گيس وارن دڪانن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انهن دڪاندارن کي فوري طور تي هدايت ڪئي وڃي ته اهي پنهنجن دڪانن اڳيان گيس سلينڊر کي هٽائين ته جيئن ڪنهن به قسم جي ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي _ ان موقعي تي ڊي پي او حيدرآباد منير احمد شيخ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته هو مجلسن جي منتظمين سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ سميت محرم الحرام دوران پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ امن امان واري صورتحال کي وڌ کان وڌ بهتر بڻائين _ هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ ساڻس ذاتي طور تي رابطو ڪري سگهجي ٿو