حيدر آباد

شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ عظيم اڳواڻ هئي: پير مظهر الحق

حيدرآباد: سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ عظيم اڳواڻ هئي جنهن اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ پاڪستاني عوام جي خوشحالي لاءِ 5 نقاطي فارمولا ڏنو _ هن يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان فارمولي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي جتي هر هڪ شهري کي هڪجهڙا حق حاصل هجن ۽ اهي خوشحال هجن _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ صبح جو اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس ( امسا) جي ڇهين ڪانووڪيشن کي پنهنجي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو _ هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل پنج نقاطي فارمولي جي وضاحت ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ترجيحن ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ پنج اهم شعبا شامل هئا جن ۾ بيروزگاري جو خاتمو، تعليم ، توانائي، ماحوليات ، برابري معنيٰ هر شهري کي هڪجهڙا ۽ هڪ جيترا حق_ هن چيو ته پ پ پ جي اڳوڻِي حۡڪومت دوران جڏهن کيس قانون جو قلمدان مليل هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون کيس هدايت مليل هيون ته نجي تعليمي ادارن جي قيام لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي _هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اها سوچ هئي ته رڳوسرڪار تعليم جون گهربل ضرورتون فراهم نٿي ڪري تنهنڪري نجي شعبي کي به ان فيلڊ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ته هن وقت 3 نجي يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن _ هن چيو ته هن تعليم جي شعبي جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن ته جيئن معياري تعليم کي هٿي وٺرائي سگهجي _ _هن ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون ماڻيندڙ شاگردن توڙِي سندن والدين کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن سندن عيد کان گهٽ ناهي_ هن چيو ته اڄوڪي ڪانووڪيشن ۾ امسا پاران 200 گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي _ هن نوجوانن گريجوئيٽن تي زور ڀريو ته اهي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪن ۽ رڳو سرڪار ملازمتن تي نه ڀاڙين_ هن ڪجهه گريجوئٽن نوجوانن پاران دل برداشتاٿي خودڪشي ڪرڻ واري عمل تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو غلط عمل آهي ڇاڪاڻ ته زندگي هوندي ته نوڪري ڪم جي آهي پر زندگي کانسواءِ اها ڪنهن به ڪم جي ناهي _هن شاگردن تي زور ڀريو ته اهي حقيقت پسند واري جي سوچ رکي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي هن چٽاڀيٽِي واري عمر ۾ پنهنجو پاڻ کي اهل ثابت ڪن ۽ مائٽن جون پريشانيون وڌائڻ بدران انهن جا برجلا ٿين_ ان کان اڳ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نظير مغل چيو ته هن يونيورسٽي جي سمورن ڊينز کي مستقبل جي گهرجن ۽ فنڊن جي وڌائڻ جي حوالي سان پنج سالن وارو تعليمي پلان جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن _ هن چيو ته يونيورسٽي ۾ هلندڙ سيمسٽر سسٽم جنوري 2011 ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ چيو ته يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ به 2011 کان اهڙو نظام رائج ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن _ هن چيو ته يونيورسٽِي ۾ تعليمي سڌارا آڻڻ وارو پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت يونيورسٽي جي سمورين فيڪلٽين جي ڊينز کي سمورا گهربل اختيار ڏنا ويا آهن _ هن ڊينن کي يونيورسٽِي جا تعليمي اڳواڻ قرار ڏنو _ هن چيو ته ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي نالي سان هڪ ٿنڪ ٽينڪ به جوڙي وئي آهي جيڪا يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين جو هر هفتي جائزو وٺندي _ هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران سفارش ڪيل ڪورسن واري پروگرام تي ٻڌل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي به يونيورسٽي ۾ شروع ڪرائي وئي آهي_ هن چيو ته يونيورسٽي جو مقصد تحقيق ۽ تعليم مهيا ڪرڻ آهي پر بدقسمتي سان يونيورسٽِي جي اڳوڻي انتظاميه جي غلط ڪارگذارين ۽ خرچن ڪري يونيورسٽي اڳ ورتل لون جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا رڳو وياج ڀريو آهي بحرحال هن واضح ڪيو ته يونيورسٽي جي متوازن بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن هن اڄوڪي ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون ماڻيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته امسا انتظاميه نوجوانن کي سستي معياري تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي کيرون لهڻي _ ان کان اڳ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيئرمين امسا گورننگ بورڊ شفيق حيدر موسوي چيو ته اڄوڪو ڪانووڪيشن سندس اداري پاران تعليم جي شعبي لاءِ ڪيل خدمتن جو مظهر آهي_ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي امسا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر محمد اظهر رند اداري جي ڪارڪردگي ۽ حاصلات تي روشني وجهندي اعلان ڪيو ته معياري تعليم جي فراهمي جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button