شاگرد پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڪاليجن معرفت 5 جنوري 2011 پنھنجو گروپ تبديل ڪرائي سگھن ٿا
حيدرآباد : تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر شاگردن جي سڌ لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته جيڪي شاگرد تعليمي سال 2011_2010 لاءِ پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته اهڙا شاگرد پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڪاليجن معرفت 5 جنوري 2011 تائين 240 رپين جي عام فيءَ سان گڏ درخواستون جمح ڪرائي اجازت حاصل ڪري سگهن ٿا _ اهڙي طرح 300 رپيا ليٽ فيءَ سان 22 جنوري تائين ، 600 رپيا ليٽ فيءَ سان 19 فيبروري تائين جڏهن ته هڪ هزار رپيا ليٽ فيءَ سان 7 مارچ 2011 تائين گروپ تبديل ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪري سگهن ٿا _ تعليمي بورڊ جي جاري ڪيل هڪ ٻئي پڌرائي موجب جيڪي شاگرد تعليمي سال 2011_2010 لاءِ اضافي مضمون جهڙوڪ ميٿميٽڪس ون ۽ ٽو ، بائلاجي ون ۽ ٽو ، ڪيمسٽري ون ۽ ٽو ، ڪمپيوٽرسائنس ون ۽ ٽو جو امتحان ڏيڻ جا خواهشمند آهن ته اهڙا شاگرد انهن اضافي مضمون ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ پنهنجن لاڳاپيل ڪاليجن معرفت پنهنجي عبوري داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا جڏهن ته اهڙن شاگردن کان اضافي مضمونن لاءِ امتحاني فارم 600 رپيا عام فيءَ سان 5 جنوري 2011 تائين، 300 رپيا ليٽ فيءَ سان 22 جنوري، 600 رپيا ليٽ فيءَ سان 19 فيبروري تائين جڏهن ته هڪ هزار رپيا ليٽ في سان گڏ 7 مارچ 2011 تائين امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهجن ٿا.