آرٽيڪل

سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ ھم آھنگي جو مظاھرو

ليکڪ: سينيتر وقار احمد خان (نجڪاري جو وفاقي وزير)
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني گذريل ڏينھن آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان گڏجي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ڱنھي رھنمائن جي ان ملاقات ۾ قومي سلامتي متعلق اھم معاملن تي بھ ڳالھايو ويو ۽ اتر وزيرستان ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف آپريشن ۽ دھشتگردي جي خاتمي جي جنگ متعلق معاملن تي بھ ڳالھايو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي يقين ڏياريو تھ حڪومت ھٿياربند فوج جي پيشيوراڻا صلاحيتن ۾ واڌاري جي لا= سمورا ضروري وسيلا فراھم ڪندي. صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف خطي جي سيڪيورڱي واري صورتحال تي بھ ويچاريو ۽ افغانستان ۾ امن جي قيام جي حوالي سان نيڱو سربراھھ اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا انھن ڪري پاڪستان تي پوندڙ اثرن جو بھ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اتر وزيرستان ۾ دھشتگردن جي خلاف آپريشن جي حوالي سان بھ آرمي چيف صدر ۽ وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو، سياسي ۽ عسڪري قيادت ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو تھ پاڪستان پنھنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي لا= ھر ممڪن قدم کڻندو ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي حوالي سان ڪوبھ فيصلو ڪرڻ جو اختيار صرف پاڪستان جي حڪومت کي حاصل آھي ان جي لا= ڪوبھ بيروني دٻا/ قبول نھ ڪيو ويندو.
پاڪستان کي ھن وقت اندروني ۽ بيروني ھر ٻن محاذن تي جن سنگين مسئلن ۽ مشڪلات جو منھن آھي ۽ ملڪ وقوم کي جيڪي چيلينج درپيش آھن انھن جو تقاضو اھو آھي تھ نھ صرف سياسي ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ رابطن جو ھڪ سلسلو قائم رکيو وڃي پر سمورن اھم قومي ۽ ملڪي معاملن تي زميني حقيقتن ۽ معروضي حالتن کي سامھون رکندي وسيع تر مشاورت جي ذريعي فڪري ۽ نظرياتي ھم آھنگي ۽ اتحاد جو مظاھرو ڪري اھو ثابت ڪيو وڃي تھ انھن اھم معاملن تي عسڪري ۽ سياسي قيادت وچ ۾ ھرگز ڪوبھ اختلاف نھ آھي تھ جيئن مفاد پرست عنصرن کي فائدو وٺڻ ۽ حڪومت جي خلاف محاذ آرائي جو موقعو نھ ملي سگھي. گڏيل اعتماد جي انھن رشتن جو تعلق صرف عسڪري ۽ سياسي قيادت سان ئي نھ پر ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ سموريون آپوزيشن سياسي پارڱيون ۽ سندن اڳواڻ بھ معروضي حالتن جو احساس ڪندي محاذ آرائي ۽ ڱڪرا* جي پاليسي ختم ڪري حڪومت سان سھڪار ڪن ۽ حڪومت طرفان سمورين آپوزيشن پارڱين سان گڏ وسيع تر مشاورت جي جيڪا پاليسي اختيار ڪئي وئي آھي ان کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي، جيتوڻيڪ ان حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي تھ اھو ميثاق جمھوريت تي موثر عملدرآمد جي لا= سمورين آپوزيشن پارڱين سان مشاورت ڪري انھن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ انھن جي تعميري تجويزن جي روشني ۾ ان سھڪار کي ھٿي ڏني وڃي، جيتوڻيڪ نون ليگ جي صدر ميان نواز شريف طرفان صدر زرداري کي لکيل خط ۽ ان ۾ پيش ڪيل تجويزن جي حوالي سان صدر زرداري جو اھو چوڻ ھڪ حوصلي جوڳي ڳالھھ آھي تھ ھُو خط ۾ ميان نواز شريف طرفان پيش ڪيل تجويزن جو سنجيدگي* سان جائزو وٺي رھيو آھي ۽ جلد ئي پنھنجو تفصيلي رد عمل بھ ظاھر ڪندو. ميان نواز شريف ٻنھي وڏين پارڱين جي وچ ۾ اتحاد ۽ سھڪار کي ھٿي ڏيڻ ۽ ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لا= ڪجھھ تجويزون پيش ڪيون آھن ان تي صدر سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ خط جو عبوري جواب بھ ڏنو ويو آھي.
عسڪري ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ ھاڻوڪي ملاقات ۽ اھم قومي معاملن ۽ خاص طور تي سيڪيورڱي جي مسئلن تي ويچارڻ جي حوالي سان اھا ڳالھھ بطور خاص قابل ذڪر آھي تھ آمريڪا طرفان ڪجھھ عرصي کان پاڪستان تي زور وڌو پيو وڃي تھ ھو اتر وزيرستان ۾ بھ دھشتگردن جي خلاف آپريشن شروع ڪري، پر اھو جيتوڻيڪ ھڪ عسڪري مسئلو آھي ۽ ان جو تعلق ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري سان آھي، ان لا= حڪومت جو موقف اھو رھيو آھي تھ اھا پنھنجي قومي ۽ ملڪي مفادن کي سامھون رکندي پاڻ ئي ڪو فيصلو ڪندي، ان لا= ڪوبھ بيروني دٻا/ قبول نھ ڪيو ويندو ڇو جو ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ سان ھڪ ٻيو محاذ کلي ويندو، ظاھر آھي ان جي لا= فوج جي ھڪ وڏي تعداد کي اتر وزيرستان ۾ مقرر ڪرڻو پوندو ۽ جنگي سازو سامان کان علاوھ مالي مسئلن ۽ ان آپريشن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مسئلن کي بھ سامھون رکڻو پوندو، جيتوڻيڪ پاڪ فوج جي عسڪري قيادت ئي ان مسئلي کي بھتر طور تي سمجھي ٿي، ان جي لا= ان جو فيصلو ڪرڻ لا= ڪنھن بيروني دٻا* کي برداشت ڪرڻ جو تصور بھ نھ ٿو ڪري سگھجي. اھو پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتي جو مسئلو آھي ۽ ان حوالي سان افغانستان متعلق آمريڪي پاليسي ۽ دھشتگردي جي خلاف پاڪستان طرفان عالمي برادري جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي باوجود ڪجھھ آمريڪي ۽ اولھھ حلقن جي طرز عمل، تحفظات ۽ خدشن جي اظھار کي بھ نظرانداز نھ ٿو ڪري سگھجي. اھا ڳالھھ خاص طور تي قابل ذڪر آھي تھ ان کان اڳ سوات، مالاڪنڊ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جي لا= عسڪري قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ۽ صدر، وزيراعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراھھ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي وچ ۾ ملاقاتن جو باقاعدا ھڪ سلسلو جاري رھيو اھڙي ريت سياسي ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾فڪري ۽ نظرياتي ھم آھنگي* ڪنھن بھ اختلاف کي پيدا ٿيڻ نھ ڏنو ۽ نھ ئي ڪنھن ٻي مفاد پرست قوت کي راند کيڏڻ جو موقعو ملي سگھيو. عسڪري ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ اھو اتفاق را= ۽ باھمي مشاورت جو اھو عمل وسيع تر قومي ۽ ملڪي مفادن سان پوري ريت ھم آھنگ آھي ۽ ملڪي سلامتي ۽ آزادي جي تحفظ جو تقاضو بھ اھو آھي تھ ان تفاق را= کي نھ صرف قائم رکيو وڃي پر وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي. سمورين آپوزيشن سياسي پارڱين جي لا= اھو اتفاق را= ھڪ رھنما/ اصول جو درجو رکي ٿو ۽ ان جي بنياد تي پاڪستان جي حڪومت ھر بيروني دٻا* جو پوري جرئت سان مقابلو ڪري سگھي ٿي ان جي لا= ملڪ جي ڪنھن بھ حصي ۾ دھشتگردن جي خلاف فوجي آپريشن ھڪ اھڙو اھم مسئلو آھي. جنھن جو فيصلو ڪرڻ جو حق رڳو پاڪستان جي حڪومت کي ئي حاصل آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button