رپورٽ

سنڌ چلڊرين فيسٽيول

تحرير: ظفر علي منگي
نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان ڪجهه ڏينهن پهرين ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآَباد ۾ ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ چلڊرين فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي لڳ ڀڳ 2000 شاگردن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ سئو ٻارڙن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي _ فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي منفرد مقابلن ۽ ڪرتب جو اهتمام ڪيو ويو _ اسان جي معاشري ۾ جتي ٻارڙن جي وندر ۽ تفريع لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه آهن اتي ڪنهن تنظيم يا اداري طرفان اهڙي ريت جا پروگرام ڪرائڻ سچ ته نئي نسل کي مثبت ۽ سٺي سوچ ڏانهن راغب ڪرڻ آهي _فيسٽيول ۾ اسڪولي توڙِي ٻوڏ متاثر ٻارڙن جي دلچسپي ۽ شموليت کي ڏسي ، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته سندس من کلي پيو هجي _ ڪو سندن اندر جي ڳالهه ڪري رهيو هجي _ سچ ته نٽ کٽ گورپ آف پبليڪشن جيڪو گذريل 20 سالن کان ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪري رهيو آهي _ان جي انتظاميه کي جس هجي جنهن اهڙو ته منفرد پروگرام رٿيو جو ٻاڙن جي ذهنن تي نه وسرندڙ اثر ڇڏيا ۽ انهن کي تفريع جو موقعو فراهم ڪيو _ فيسيٽيول جو آغاز اسڪولي ٻارڙن طرفان ٺاهيل تصويري نمائش سان ٿيو _ هن نمائش ۾ حيدرآباد ، ٽنڊو الهيار چامشورو۽ ٻين ضلعن جي اٽڪل 16 کان وڌيڪ اسڪولن جي شاگردن جون تصويرون رکيون ويون _ جن ذريعي معاشري ۾ اهو پيغام پهچايو ويو ته ماحول کي آلوده ٿيڻ کان بچاءُ ، صحت جون خيال رکڻ ۽ صفائي سٿرائي رکڻ انسان جي لاءِ لازمي آهي جنهن کانسواءِ صحتمند معاشري جو قيام ناممڪن آهي _ تصويرن ۾ پڻ ٻارڙن جي ذهانت ڏسڻ وٽان هئي _ ڪٿي ننڍڙا، ڪچڙا ذهن…………؟ ڪٿي سندن طرفان ڏنل پيغام …………………..؟ بعد ۾ اسڪولن جي ٻارڙن طرفان تيار ڪيل سائنسي اوزارن جي نمائش به هئي جنهن ۾ شاگردن جي تخليقي صلاحيت کي ڏسڻ جو شاندار موقعو مليو _ استادن جي بهتر رهنمائي ۽ ٻارڙن جي صلاحيتن سان تيارڪيل اهي سائنسي اوزار ڪنهن وڏي ۽ عالمي سطح جي ايجاد کان گهٽ حيثيت رکندڙ نه هئا ………………فيسٽيول ۾ 6 اسڪولن جي ٻارڙن مختلف گانن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا _ هر هڪ ٽيبلو ۽ ان ۾ شاگردن جي پرفارمنس ڏسي يقين نه پيو اچي ته ٻارڙا به اهڙي پرفارمنس ڏئي سگهن ٿا _ حقيقت ۾ اهي ٽيبلوز ڪنهن پيشور اداڪاري کان گهٽ نه هئا _ هن فيسٽيول جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ نه صرف تفريح هئي پر تدريسي ۽ نصابي سرگرميون پڻ هيون جنهن سان فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن کي بلڪل حيرت ٿئي هوندي _ ننڍڙي عمر جا ٻارڙا جڏهن تقريري مقابلي لاءِ اسٽيج تي پهتا ته سندن اعتماد ، اشارن جو استعمال ، تاثرات ۽ خاص طور تي روانگي سان انگريزي استعمال ڪرڻ ويٺل مهمانن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو _ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن ٻارڙن جي تقريرن ۾ جيڪي پيغام هئا اهي به معاشري ۾ ٻارن جي اهميت، ٻارن جي نشو نما ، وڏڙن ، استادن جو ادب ۽ براين کان پري رهي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ۽ محنت ڪرڻ جا هئا _ ماحول وڌيڪ پر لطف ان وقت ٿيو جڏهن سنڌ جو مشهور مزاحيه فنڪارقادر بخش مٺو اسٽِج تي پهتو سندس پهچڻ شرط ئي معصوم ٻارڙن جون خوشين واريون رڙيون ڪيهڪون ، کل ۽ مسڪراهٽ من کي موهي ڇڏيو ۽ اهو احساس جيءَ کي سرهو ڪري ويو ته شل هن ڌرتي جي ٻارڙن کي سدائين ائين کلندو، مسڪرائيندو ۽ ٽڙندو ڏسان…………..! قادر بخش مٺو جي ٽهڪڙن تي ٻارڙا پنهنجين ڪرسين تان اٿي، سڄي دنيا کان بي خبر، اڻ واقف کل ۾ ايترو ته مَهو ٿي ويا جو کين اها به ڀيت نه هئي ته ڀر ۾ ڪير آهي ……………………………… فيسٽيول ۾ شامل مهمانن ۽ اسڪولي ٻارڙن جي منهن تي همدردي واري احساس جو پاڇو ان وقت لڙيو جڏهن ٻوڏ سٽيل ٻارڙن کي اسٽيج تي گهرايو ويو جيڪي پنهنجي خوشي وچان گيت ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿيا هئا _ سندن اٻوجهه ۽ معصوميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پوري فيسٽيول ۾ شامل مهمان ۽ اسڪولي ٻارڙا پنهنجي شاندار ۽ مهانگي لباس توڙِي جوتن سان بنا ڪنهن حجاب ۽ خوف کان اچي رهيا هئا_
اتي ٻوڏ سٽيل، محرومين جا ماريل ۽ پنهنجي مستقبل کان وانجهيل ٻار پيرن ۾ سادي چپل پائي اسٽيج کان هيٺ ٿوري دير لاءِ بيهي رهيا __ اسٽيج تي موجود ڪمپيئر کين سڏيو ته انهن ٻارڙن پنهنجا چپل لاهڻ شروع ڪيا ۽ پيري اگهاڙي اسٽيج جي وچ واري حصي کان چڙهي آيا جڏهن ته اسٽيج تي هڪ پاسي کان ڏاڪڻ نما جاءِ پڻ ٺهيل هئي جيڪا انهن معصوم ٻارڙن کي خبر ئي نه هئي ته اسٽيج تي چڙهڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪجي _ ان باوجود ته اهي پوري پروگرام ۾ هر شخص کي ان ڏاڪڻ نما جاءِ تان لهندي چڙهندي ڏسي رهيا هئا پوري ماحول ۾ ماٺار، چپ ۽ اکين ۾ آلاڻ ته ان وقت ٿي وئي جڏهن انهن ٻارڙن مان هڪ ٻار گيت ٻڌايو…
”هن عيد تي جوڙا، او نوان جوڙا
سي ڪيءَ پائيندا……………..؟
ٻوڏن جا ماريل، سنڌي ستايل ماڻهو…“
سچ ته ان نينگر جي لباس ۽ چهري جي محرومين ۾ اهو واضع هو ته سندن غير يقيني واري زندگي ۽ حالتون ، مٿان وري عيد جو موقعو ……..؟ انهن جي لاءِ ته شايد عيد تي سٺو پچائي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هوندو ته وري نوان ڪپڙا سبرائي ڪٿان پائيندا….؟ فيسٽِول ۾ محفل موسيقي جو پڻ انتظام ڪيو ويو هوجنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو _ ان دوران پڻ ٻارڙن جي شموليت ڏسڻ وٽان هئي_ مطلب ته پوري فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي وندر لاءِ جيڪو بندوبست ڪيو ويو ان تي جس هجي نٽ کٽ گروپ کي جنهن گهڻي وقت کانپوءِ اهڙو منفرد ۽ شاندار پروگرام ترتيب ڏنو _ فيسٽيول دوران ڪٽ پتلي شو به پيش ڪيو ويو جنهن دوران ٻارڙن کي صفائي سٿرائي جا پيغام اهڙي ته بهتر انداز سان ڏناويا ته جيئن کين تفريح سان گڏوگڏ بهتر تربيت به مهيا ٿئي_
فيسٽيول جي صدارت سنڌي لينگويج اٿارٽي حِيدرآباد جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي ۽ يونيسيف سنڌ جي چيف ڊاڪٽر اينڊريو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي _ فيسٽيول کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته معاشري ۾ تبديلي ۽ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٻارڙن جي بهتر پرورش، تعليم ۽ تربيت انتهائي لازمي آهي _ هن چيو ته ان سان نه فقط نئي نسل ۾ اخلاقي ۽ جسماني صلاحيتون وڌنديون پر معاشري مان براين جو پڻ خاتمو آڻي سگهجي ٿو _هن چيو ته چلڊرين فيسٽيول ۽ تقريري مقابلا ڪرڻ سان ٻارن جي همٿ افزائي ٿيندي ۽ اهي جديد دور جي چيلنجن کي آساني سان منهن ڏئي ترقي جون راهون عبور ڪري سگهندا _ان موقعي تي خاص مهما طور خطاب ڪندي ڊاڪٽر اينڊريو چيو ته پاڪستان جي ٻارڙن جون صلاحيتون ۽ اعتماد ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي _ هن چيو ته ٻارڙن جي معياري انگريزي زبان روانگي سان ڳالهائڻ ۽ همٿ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن ۽ خوشحال هوندو_هن وڌيڪ چيو ته اسان معصوم ٻارڙن جي بهتر تعليم ۽ تربيت سان دنيا کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين _ هن نٽ کٽ گروپ آف پبليڪشن طرفان سنڌ چلڊرين فيسٽيول منعقد ڪرڻ جي واکاڻ ڪندي ان کي نئي نسل جي روشن مستقبل جي ضمانت قرار ڏنو_ فيسٽيول کي آجياڻي وارو خطاب ڪندي ناليواري اديب نواز علي ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪم نه ٿي رهيو آهي ۽ اهڙِن حالتن ۾ نٽ کٽ جي ڪوشش تعريف لائق آهي _ هن وڌيڪ چيو ته ان فيسٽيول ۾ اسڪولي ٻارڙن سان گڏ ٻوڏسٽيل ٻارڙن کي شامل ڪرڻ سان انهن ٻارن جي احساس ڪمتري ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي _ ان موقعي تي نٽ کٽ گروپ آف پبليڪشن حيدرآباد جي چيف ايڊيٽر محمد وسيم خان، يونيسيف جي نمائندن زهره نثار، مسٽر گرڊ، مرزا سليم بيگ، تاج جويو ، اياز عالم ابڙو ، ڊاڪٽر ثروت، خالد آزاد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا _ بعد ۾ فيسٽيول ۾ تقريري مقابلن ۾ پهرين پوزيشن تي اصفاشاهه، ٻئي تي عروج ۽ ٽئي پوزيشن تي ڀاونا ڪمل جڏهن ته ٽيبلوزجي مقابلن ۾ پهرين نمبر تي سنڌ گرامر هاءِ اسڪول قاسم آباد ، ٻئي نمبر تي عقيل برائيٽ اڪيڊمي قاسم آباد ۽ ٽئي نمبر تي قائمخاني ميميوريل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار اهڙي ريت بهتر سائنسي اوزارن جي نمائش تي پهرين پوزيشن تي سنڌ گرامر هاءِ اسڪول قاسم آباد، ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۽ ٽئي نمبر تي ايواز اڪيڊمي حاصل ڪئي جڏهن ته بهترين تصوير ٺاهڻ تي عضير عيسيٰ، اقراءَ غني، محمد ماز ابڙو ۽ مونا گوپانگ کي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button