سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي: تاج حيدر
حيدرآباد: ڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽر تاج حيدر چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي جتي پيار ، محبت ، نياز ،نوڙت ۽ درگذر ڪرڻ جهڙا رويا سنڌ جي ماڻهن جي ثقافت آهي- اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري پاڻ تي ڪنهن حملي ڪندڙ کي برداشت ڪيو آهي – هو گذريل شام سنڌي ليگويج اٿارٽي حيدرآباد جي اين اي بلوچ هال ۾ ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اطلاعات حيدرآباد پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ تقريب جي صدارت ڪري رهيو هو – هن چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ ان جو لباس ايترو ته مشهور ٿي رهيو آهي جو ان کي روايت موجب حضور جن پسن ڪيو آهي – هن چيو ته اجرڪ سنڌ جي اها ثقافت آهي جنهن جو تحفو نبي جي خدمت ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو – هن چيو ته پ پ پ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي ثقافت ۽ تهذ يب جو نه فقط احترام ڪري ٿي بلڪه ان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پڻ هر وقت جاکوڙي رهي آهي – ان ڏس ملڪ جي چئني صوبن ۾ کنيل قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن – ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته اهو صرف صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي جذبي ۽ ويزن جو سبب آهي جو سنڌي قوم نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ ۾ پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي هن چيو ته سنڌي قوم جو اتحاد ۽ ٻڌي ان جي ثقافت جي علامت آهي – هن چيو ته پ پ پ مخالف ۽ ڪجهه ميڊيا جي ادارا شايد اها ڳالهه ڀلجي ويا آهن ته پ پ پ پنهنجي قتدار جي مختصر عرصي دوران نه صرف 1973 واري آئين کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو بلڪه صدر آصف علي زرداري پنهنجا سمورا اختيار پڻ پارليامينٽ جي حوالي ڪيا آهن – هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو فيصلو، ٿرڪول پروجيڪٽ ، آئيني اصلاحات، غريب ماڻهن لاءِ روزگار ۽ آمدني جا مختلف وسيلا غريب هارين ۾ مفت زرعي زمين تقسيم ڪرڻ پ پ پ جا اهڙا ڪارناما آهن جيڪي ان کان اڳ ڪنهن به حڪمران سرانجام نه ڏنا آهن – ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات عبدالعزيز عقيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ثقافت آهي جنهن تي کيس فخر آهي – هن چيو ته سنڌ جي ثقافت ۾ برداشت جو وڏو عمل دخل آهي جنهن کي سنڌ جي صوفين پنهنجي ڪلام وسيلي دنيا ۾ عام ڪيو آهي ۽ هن وقت سنڌ جي ثقافت وانگر دنيا کي پڻ برداشت جي ضرورت آهي ۽ اها ئي انسانيت جي وڏي خدمت آهي ان موقعي تي ريجنل دڊائريڪٽر اطلاعات امداد علي ڪيريو آجياڻي وارو خطاب ڪيو ، جنهن بعد وڏي وزير جي هيپاٽائيٽس کان بچاءُ واري پروگرام جي صوبائي مينجر عبدالمجيد ڇٽو پڻ تقرير ڪئي – بعد ۾ ثقافتي شو ۾ مور ڊانس، ٽيبلو، ۽ محفل موسيقي کان علاوه سنڌي لباس جو پڻ مقابلو پڻ ٿيو جنهن ۾ پهرين ، ٻئين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ نينگرين کي نقد انعام پڻ ڏنو ويو