سنڌ حڪومت يونيسڪو سان قديمي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ معاھدي ڪيو آھي: محترمه سسئي پليجو
حيدرآباد :صوبائي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت پاران ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي ۽ 18 هين ترميم جي منظوري کانپوءِ ثقافت کاتي پاران به مختلف اسم صوبائي حڪومت حوالي ڪيا پيا وڃن جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت يونيسڪو سان سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري تحت سان قديمي ماڳن جي بهتر سارسنڀال ۽ حفاظت لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن قديمي ماڳن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي _ هن اهڙو اظهار اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ مشهور مجسمي ساز معراج خوشحالداس جي مجسمي جي نمائش جو دورو ڪرڻ دوران ميڊِيا سان ڳهائيندي ڪيو _ هن وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتي جا فنڊ محدود هجڻ جي نيجي ۾ پبليڪشن سميت مختلف ترقياتي منصوبا روڪاوٽ جو شڪار آهن تنهنڪري وفاقي حڪومت طرفان مختلف تاريخي ماڳ صوبي کي ملڻ کانپوءِ يونيسڪو سان معاهدو ڪيو آهي جنهن تحت يونيسڪو سنڌ حڪومت جي تاريخي ماڳن جي سارسنڀال، لکپڙهه ۽ مرمت لاءِ فني توڙي مالي معاونت فراهم ڪندو _ هن معراج خوشحالداس جي مجمسمن جي تعريف ڪندي سندس قائد اعظم محمد علي جناح ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مجسمن کي 25 ۽ 27 ڊسمبر2010 تي ثقافت کاتي پاران منعقد ٿيندڙ نمائش ۾ رکڻ جو اعلان ڪيو_ هن وڌيڪ چيو ته هو مجسمي ساز معراج خوشحالداس پاران بٺورو شهر ۾ قائم ماروي ميوزيم کي سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ وٺڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندو_ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ميوزيم ۾ اضافي گيلري ۾ ڪاٺ مان تيار ٿيل مجسمن کي پڻ رکيو ويندو ته جيئن ڪاٺ جي مجسمي سازي کي هٿي وٺرائي سگهجي _ هن چيو ته ماڻهن پاران ان نمائش ۾ دلچسپي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو ان فن کي پسند ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت مجسمي سازي جي فن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڌ کان وڌ انتظام ڪري ڪري آهي. ان موقعي تي ايم پي اي فرحين مغل پڻ ساڻس گڏ هئي.