حيدر آباد

زاهد علي ڀرڳڙي مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ 12 لک 40 هزار رپين جا چيڪ ورهايا

حيدرآباد : ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تحت حيدرآباد جي بيروزگار نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي 25 سئو رپين جي ماهوار وظيفي سان گڏ 6 مهينن جا ڊپلوماڪورس ڪرائڻ لاءِ زڪوات کاتي، حيدرآباد پاران مختلف 10 _ ادارن سان معاهدو ڪيو ويو آهي _ هن اهڙو اظهار اڄ ميران محمد هاءِ اسڪول هيراآباد ۾ ضلعي زڪوات ڪميٽي طرفان ضلعي جي مختلف سڪولن جي انتظاميه ۾ مستحق شاگردن لاءِ مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ 12 لک 40 هزار رپين جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو _ صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي هدايت ڪئي ته ضلعي جي اسڪولن ۾ زڪوات رقم جي شفاف ورهاست کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ نگران ڪميٽي جوڙي وڃي تنهن هوندي به هن ضلعي زڪوات ڪميٽي طرفان شفاف طريقي سان زڪوات واري رقم جي ورهائڻ واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو _ هن وڌيڪ چيو ته زڪوات رقم جي ورهاست ۾ بدنيتي ڪندڙ اسڪول انتظاميه توڙِي عملدارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا ڇاڪاڻ ته زڪوات رقم غريبن ۽ مستحقين جي امانت آهي جنهن کي ايمانداري سان مستحقين تائين پهچايو پيو وڃي _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ شرط زڪوات نظام ۾ ڪافي سڌارا آيا آهن جڏهن ته ماضي ۾ هن کاتي جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه هئي _ ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي زڪوات ڪميٽِي حيدرآباد جي چيئرمين شير محمد پيرزاده چيو ته ضلعي زڪوات ڪميٽي پاران حيدرآباد جي 95 اسڪولن، 11 ڪاليجن ۽ 3 يونيورسٽين ۾ مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ لکين رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته سول اسپتال حيدرآبا ۾ مستحق مريضن جي اکين جي مفت آپريشن لاءِ 20 لک رپيا پڻ فراهم ڪيا ويا آهن _ هن ٻڌايو ته ضلعي جي تعلقه اسپتالن کي پڻ مستحق مريضن جي مفت علاج لاءِ وڏي رقم ڏني وئي آهي _ هن مختلف اسڪول انتظاميه طرفان مستحق شاگردن جي نشاندهي نه ڪرڻ بابت شڪايت پيش ڪندي چيو ته اڪثر اسڪول انتظاميه جي بهتر موٽ نه هجڻ سبب زڪوات رقم جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي _ تقريب کي پ پ پ اڳواڻن روشن سولنگي، سليم شاهه بخاري، فريد ميمڻ ، محمد عرس خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو _ ان موقعي تي ضلعي جي 49 اسڪولن ۾ 11 لک 50 هزار ۽ هڪ ڪاليج ۾ 90 هزار رپين جا زڪوات وارا چيڪ ورهايا ويا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button