حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي: وزير سيد قائم علي شاه
سکر :سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي ته جئين ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪو به غير معمولي واقعو نه ٿئي ۽ محرم الحرام خير خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ امن و امان جي فضا کي يقيني بنائڻ لاءِ انتظاميه طرفان تمام احتياطي ۽ حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. سيلاب متاثرن جي رليف ۽ ٻيهر بحاليءَ جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته پهرين مرحلي جو ڪم 75 سيڪڙي تائين مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻي مرحلي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويندو. ميرپور خاص ۾ هڪ صحافيءَ جي قتل جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هن سلسلي ائڪشن ٿيو آهي ۽ صحيح جاچ ڪري هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن کان اڳم سنڌ جي وڏي وزير جيلاني هائوس خيرپور ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ واسطيدار اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ ضروري احڪامات جاري ڪيا. انهيءَ موقعي تي ماڻهن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيوته موجوده جمهوري حڪومت ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. هن سلسلي ۾صوبي جي مختلف جڳهن تي مختلف شعبن ۾ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن ته جئين ماڻهن کي بنيادي سهولتون سندن علائقي ۾ مهيا ٿي سگهن