تعليم ۽ خواندگي کاتي حيدرآباد پاران پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن
حيدرآباد: سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي 4 ڊسمبر 2010 تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان کانپوءِ تعليم ۽ خواندگي کاتي حيدرآباد پاران پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن _ اڄ هتي تعليم کاتي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سڄو ڏينهن مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جي شروعات صبح جو 9 وڳي کان عملدارن، استادن ۽ شاگردن جي تقريرن واري تقريب کان ڪئي ويندي جنهن بعد ساڍين 10 وڳي اي ڊي او ايجوڪيشن حيدرآباد نياز احمد لغاري، ڊي او خواندگي غلام مصطفيٰ ساند، ڊي او اسپورٽس الياس ڀٽي، ڊي او سيڪنڊري / هائير سيڪنڊري فريد احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نيول راءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد کان پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي جڏهن ته پريس ڪلب پهچڻ بعد صبح جو 11 وڳي ريلي جا اڳواڻ سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي عنوان تي روشني وجهندا جڏهن ته ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ ميڊيا بريفنگ پڻ منعقد ڪئي ويندي