حيدر آباد

تعليمي نظام کي وڌ کان بهتر بنائڻ ۽ حِيدرآباد کي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ضلعو بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي سڌارن وارن پروگرامن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي: کتري

حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيِدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته تعليمي نظام کي وڌ کان بهتر بنائڻ ۽ حِيدرآباد کي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ضلعو بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي سڌارن وارن پروگرامن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي_ هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ تعليم کاتي جي عملدارن ۽ سپروائيزرن سان گڏ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر حِيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته هن جديد دور۾ دنيا جتي هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن به قوم جي ترقي لاءِ جديد معياري تعليم تمام ضروري آهي ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت حيدرآباد اڳواٽ ئي اردو ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن کي انگريزي ميڊيم ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين اٽڪل 300 اسڪولن کي انگريزي ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ته جيئن غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ٻارڙن کي پڻ بهتر معياري تعليمي سهولتون ڏئي سگهجن _ هن چيو ته ضلعي حڪومت جي ڪوششن کان علاوه معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ شاگردن، استادن، والدين ۽ سول سوسائٽي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي _ هن چيو ته سندس انتظاميه ٻوڏ ۾ تباه ٿيل اسڪولن جي مرمت ۽ اسڪولن جي عمارتن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کان اسڪولن کي خالي ڪرائڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي _ هن چيو ته سنڌ حڪومت کي انهن اسڪولن جي مرمت لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ته جيئن جلد کان جلد انهن اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪري سگهجن _هن چيو ته تعلقي قاسم آباد جي 7 اسڪولن ۾ هن وقت به ٻوڏ متاثر موجود آهن جنهن سان انهن اسڪولن جي شآگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي _هن ٻوڏ ڪارڻ تباهه ٿيندڙ اسڪولن جي مرمت ۽ بحالي کان علاوه متاثرن کي متبادل عمارتن ۾ منتقل ڪري اسڪولن جي عمارتن کي خالي ڪرائڻ لاءِ تجويزن تي مشتمل هڪ اسڪيم تيار ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته جيئن انهن اسڪولن ۾ تدريسي عمل ٻيهر شروع ڪري سگهجي _ هن چيو ته انهن کي اهي به هدايتون ڪيون ويون آهن ته استادن ۽ اسڪول انتظاميه جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ هڪ مانيٽرنگ ٽيم جوڙِي وڃي_ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ترقياتي ڪمن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪن ۽ انهن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button