آرٽيڪل

تصوير جا ٻئي پاسا

تحرير : شهزاد شيخ
دنيا جي وڏين قوتن اهو ڪڏهن پئي چاهيو ته 1947 ۾ دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندڙ اسلامي ملڪ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست طور تي پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ اسان جو پاڙيسڙي ملڪ ڀارت جنهن کي پاڪستان جو وجود ئي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڄڀندو رهيو ۽ کيس شروع کان ئي اها اميد هئي ته پاڪستان آزادي کانپوءِ ڪجهه عرصي ۾ ئي ٽٽي ويندو يا ختم ٿي ويندو ۽ ڀارت جو اڻٽٽ انگ وري ڀارت سان ڳنڍجي ويندو ۽ ظاهري طور تي لڳي به ائين پيو ته صنعتن ۽ فيڪٽرين جي کوٽ ۽ مالي طور تي بدحال ملڪ جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون آباد آهن اهو شايد ڪجهه مهينا يا ته وري ڪجهه سال به نه هلي سگهندو پر ويچارن کي اها ڪهڙي خبر هئي ته هڪ منصوبو انهن جوڙيو ۽ ٻيو منصوبو منهنجي الله سائين جوڙيو ۽ باري تعاليٰ کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو ۽ 1956 تائين بغير آئين جي هلندڙ ملڪ جنهن ئي جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ به اهو ملڪ هلندو رهيو – پرڏيهي طاقتن جي ڏڍ تي اقتدار جي ڪرسي تي قابض ٿيندڙ آمرن پنهجن ذاتي مفادن کي ترجيح ۽ عوامي مفادن کي نظرانداز ڪندي حڪومت ڪندڙ ، لساني جهيڙن جي شروعات ڪندڙ ۽ ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرائڻ وارن دشمنن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي ۽ ان دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهو عوامي اڳواڻ هو جنهن نه فقط عوامي خواهشن مطابق مقبول فيصلا ڪيا پر پاڪستان کي هڪ ناقابل تسخير ملڪ بنائڻ لاءِ ايٽمي صلاحيت جي حاصلات لاءِ عملي طور تي ڪوششون ڪيون ۽ ان سان گڏوگڏ اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجو ڀروپور ڪردار ادا ڪيو ۽ پهرين سربراهي اسلامي ڪانفرنس پاڪستان ۾ منعقد ڪرائي ۽ پاڪستان کي 1973جو متفقه آئين ڏنو ۽ اڄ پاڪستان ان آئين تحت هلي رهيو آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون اهڙيون جرئتمندانه ڪاوشون اسلام دشمن ۽ ملڪ دشمنن کي پسند نه آيون ۽ انهن هڪ سازش تحت عوام جي هن مقبول اڳوڻ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ائين هڪ دفعو ٻيهر ملڪ وري آمريت جي ورچڙهي ويو ۽ 11 سالن جي وڏي عرصي تائين آمر عوام جي مرضي ۽ خواهشن جي ابتڙ اقتدار تي قابض رهيو جنهن کانپوءِ عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪومتن کان اقتدار کسڻ واروسلسلو پڻ جاري رهيو ملڪ جي تاريخ ۾ جمهوري حڪومتن جو مسلسل خاتمو ڪرڻ ۽ آمريتي حڪومتن جي اقتدار ۾ رهڻ سبب ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهي ويو جنهن ۾ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسندي جهڙا وڏا بحران شامل آهن ۽ حڪومت توڙي عوام ان کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ موجوده حڪومت پڻ ماضي جي آمر حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي – تنقيد ڪندڙ ڀلي حڪومت تي تنقيد ڪندا رهن ۽ پنهنجي سموري توانائي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ۾ استعمال ڪندا رهن پر حقيقت گهڻو وقت نه ٿي لڪائي سگهجي – ان ڳالهه کان پڻ انڪار نه آهي ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو انسان هئڻ سبب غلطي ڪندا آهن
جن جي نشاندهي ڪرڻ مخالف ڌر ۽ ميڊيا جي ذميواري آهي موجوده حڪومت سوات ۾ حڪومت جي رٽ قائم ڪرڻ ۽ امن امان خاطر دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ کان اڳ اتي رهندڙ مقامي ماڻهن کي حفاظتي هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ته جئين معصوم ۽ بيگناه ماڻهو ان فوجي آپريشن جو نشانو نه بڻجن جنهن بعد اهو شايد پهريون ڀيرو هو جو ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن پنهنجي ملڪ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هجرت ڪئي ۽ ايڏي وڏي تعداد ۾ متاثرن کي منتقل ڪرڻ ۽ پوءِ ڪامياب فوجي آپريشن جي خاتمي ۽ سوات ۾ مڪمل امن قائم ٿيڻ کانپوءِ متاثرن کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ نه هو ۽ هن وقت تائين حڪومت پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن سبب ملڪ ۾ ڪافي حد تائين دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي _ گذريل سال عاشوري جي موقعي تي ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مرڻ ۽ ان واقعي کانپوءِ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دڪانن کي باهيون ڏئي اربن روپين جو سامان ساڙي رک ڪرڻ واري واقعي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت زندگي جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ عالمن، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاح مشوري سان هن سال محرم الحرام دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا حيدرآباد جو دورو ڪري پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏجاڻي ڪري حيدرآباد ۾ فول پروف سيڪيورٽي پلان جوڙيو جنهن تحت گذريل سال جي مقابلي هن سال پوليس جي نفري ۾ ٽيڻو اضافو ڪيو ويو_ ان کان علاوه جديد ترين ايڪسپلوسيوڊيٽيڪٽر ۽ چوڌاري ڦرندڙ ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ماڻهن جي جان مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تحت ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري ۽ ڊي پي او حيدرآباد منير احمد شيخ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ روزانو حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي منتظمينن کي چيو ته پوليس ۽ انتظاميه سان تعاون ڪندي پوليس پاران جاري ڪيل هدايت نامي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي۽ پنهنجي مجلسن ۾ ايندڙ هر ماڻهو کي تلاشي کان سواءِ اندر داخلا ٿيڻ جي اجازت نه ڏين _ ان کان علاوه پنهنجن منعقد ڪيل پروگرامن جي فلم بندي پڻ ڪرائين ته جئين شهر کي ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کان بچائي سگهجي ۽ اڳواٽ ئي ملڪ ۽ اسلام دشمن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي_ ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ حڪومت جنهن تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي ايتري تنقيد ته آمريت واري دور ۾ به نه ڪئي وئي ملڪ جي معزز دانشورن، ليکڪن ۽ تنقيد نگارن کي منهنجي درخواست آهي ته اهي حڪومت جي خامين سميت عوام آڏو حڪومت جي بهتر ڪمن کي پڻ اجاڳر ڪن ۽ انهن جي چڱن ڪمن مان سنڌ حڪومت ۽ ضلعي حڪومت حيدرآباد پاران محرم دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪوششن جي پڻ ساراهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جئين اسان جي ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون قائم ٿين ۽ ماڻهن کي تصوير جا ٻئي پاسا ڏسڻ وٽان ملن_ هتي عوام جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪرڻ جي ضرورت آهي جن محرم دوران امن امان قائم رکڻ ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو _ منهنجي دعا آهي ته ملڪ ۾ امن ۽ شانتي هميشه قائم ۽ دائم رهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button