اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام جي حقيقي ۽ اعليٰ ديني تعليم کي پنهنجي زندگين ۾ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي منشور مطابق سڄو ڌيان عام ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود تي ڏئي رهي آهي، هن اها ڳالهه نئين هجري سال 1432هه جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي، صدر پاڪستاني عوام ۽ اهل اسلام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان دهشتگردي ۽ قدرتي آفتن جهڙن مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ملڪ ۾ آيل تازي ٻوڏ اسان جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، موجوده حڪومت جي انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور عام ماڻهو جي فلاح ۽ بهبود تي زور ڏئي ٿو ۽ اسان جو سڄو ڌيان انهي تي آهي، صدر چيو ته نئين سال جي شروعات جو هي ڏينهن صرف هڪ روايت نه آهي پر ان ڏينهن جي گهرج آهي ته اسان پنهنجي گذريل سالن کي ڏسندي ايندڙ ڏينهن لاءِ پنهنجو رخ مقرر ڪريون، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عهد کي ورجايون ته اسان اسلام جي حقيقي ۽ ديني تعليم کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪنداسين،