استاد منظور علي خان سنڌيت جي علامت قرارآھي
حيدرآباد :سنڌ جي ڏاهن، اديبن ۽ نامور شخصيتن جڳ مشهور ڳائڪ استاد منظور علي خان کي سنڌيت جي علامت قرار ڏيندي چيو آهي ته استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو _ سندن چوڻ هو ته استاد منظور علي خان جهڙين شخصيتن جي وچوڙي سان سنڌي راڳ جون روايتون پڻ ختم ٿي چڪيون آهن _ اهڙو اظهار هنن گذريل رات دير سان سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان نامياري براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو جي استاد منظور علي خان جي فن ۽ شخصيت جي عنوان سان ترتيب ڏنل ڪتاب جي رٿيل مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو _ تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ثقافت کاتي جي صوبائي وزيرسسئي پليجو چيو ته استاد منطور علي خان سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جي سڃاڻپ آهي جنهن فن ذريعي سنڌ جي شاهڪار ۽ عظيم پس منظر ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو _ هن ثقافت کاتي طرفان ڪوثر ٻرڙو جي هن ڪتاب جون 100 ڪاپيون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سندس کاتي طرفان سنڌ جي مختلف ادبي عملي شخصيت جا ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏوگڏ فنڪارن ۽ گلوڪارن بابت ڪتاب پڻ ڇپرايا ويندا _ هن وڌيڪ چيو ته تمام جلد جيجي زرينا ڏانهن مختلف شخصيتن جي لکيل خطن تي ٻڌل هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪرايو ويندو _ ان موقعي تي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي حميد سنڌي چيو ته استاد منظور علي خان راڳ کي عبادت سمجهي ڳايو ۽ سندس فن ۾ لطيف يات ۽ سنڌيت جي پرچار آهي _ هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي ادارن کي استاد جهڙين شخصيتن جي فن ۽ ڪم کي محفوظ بنائڻ گهرجي ته جيئن اسان نوجوان نسل ۾ ان کي اجاگر ڪري سگهون _ هن چيو ته هن وقت ڪلاسيڪل راڳ جو رجحان نه هجڻ برابر آهي جيڪو عمل پڻ افسوسناڪ آهي _ تقريب کي خطاب ڪندي نامياري براڊ ڪاسٽر خواجا امداد چيو ته استاد منظور علي خان جي ڪري ئي برصغير ۾ سنڌي ڪلاسيڪل راڳ متعارف ٿيو جنهن کي تمام گهڻي پذيرائي پڻ ملي _ هن چيو ته استاد ڪڏهن به راڳ جي عيوض معاوضو نه گهريو ۽ نه ئي کيس ايتري آمدني هئي _ هن چيو ته اسان جي معاشري جو اهو وڏو الميو آهي ته فنڪار کي سندس علم مطابق معاوضو نٿو ملي _ هن موجوده سنڌي موسيقي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته درحقيقت سنڌ ۾ ڪلاسيڪل ۽ غزل ڳائيڪي کي ايتري مڃتا نه ملي سگهي آهي جيتري ملڻ گهرجي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي موسيقي ۾ ڏوهِيڙا، بيت، وائي ۽ لوڪ گيتن جو گهڻو رحجان رهيو آهي _ هن ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان تان ڪلاسيڪل راڳ جو وقت گهٽائڻ تي استاد منظور علي خان سخت ناراض ٿيو هو _ هن چيو ته منظور علي خان سنڌي قوم جو وڏو اثاثو آهي جنهن تي اڃا وڌيڪ تحقيق ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي _ تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ نامور محقق تاج جويو سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ته ٽنڊو آدم ۾ استاد منظور علي خان جي نالي سان ڪلاسيڪل موسيقي جو اسڪول کولي نوجوان نسل کي تربيت ڏني وڃي _ناليواري صحافي ناز سهتو ڳالهائيندي چيو ته استاد منظور علي خان جهڙي شخصيت تي 30 سال گذرڻ باوجود ڪم نه ٿيڻ معاشري جي وڏي بدقسمتي آهي _ هن چيو ته اسان وٽ ڪنهن به اداري موسيقي جي حوالي سان ڪم نه ڪيو آهي جڏهن ته استاد جهڙي عظيم گلوڪار جي فن کي محفوظ بنائڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي _ تقريب ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، محمد قاسم ماڪا، پروانو ڀٽي، ذوالفقار علي، مظهر علي، ڪتاب کي مرتب ڪندڙ ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا ۽ ٻين خطاب ڪندي استاد منظورعلي