اسان جو احتساب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿئي پيو: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد(اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جو احتساب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿئي پيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان غداري ڪندڙن جو حشر عوام ڏسي ڇڏيو آهي، غريبن جي چلهه ٻرڻ شروع ٿي آهي، رشتيدارن کي نوازيندڙن کي صبر ڪرڻ گهرجي، غريبن جي چلهه وسائڻ جون ڪوششون نه ڪيون وڃن، شهيد راڻي منهنجي ڪري ڪنهن ٺاهه تي صحيح ڪري ها اهو مون کان برداشت نه ٿئي ها، هر ڪنهن کي پنهنجي قبر ۾ وڃڻو آهي، ڌن دولت ڪنهن سان به نه هلندي، اسان کي احتساب عدالتون ناهن ٺاهڻيون، احتساب عوام کي ڪرڻو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي. ڪالهه ايوان صدر ۾ برطرف ملازمن جي بحالي واري بل تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ ايوان صدر ۾ غريب ويٺل آهن اهو صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي توقير ڪائره جهڙا جيالا آهن، جن شهيد راڻي جي جلسي ۾ ڌماڪي کانپوءِ ان طرف ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ پنڊي جا جيترا به شهيد آهن انهن سينن ۾ گهاءُ آهن، پٺ ۾ ڪنهن کي به گهاءُ نه آهي. هن چيو ته شهيد راڻي منهنجي استاد آهي. هن چيو ته آئون جيڪي به ڪم ڪري رهيو آهيان اهي مولا جي توفيق سان ڪري رهيو آهيان ۽ طاقت توهان جي آهي صرف قلم منهنجو آهي ۽ اها سوچ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آهي. هن چيو ته اسان شهيد راڻي جي رت جي عيوض 18 هين ترميم ڪئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ ڏنو آهي ۽ اها سوچ اسان کي ڳڙهي خدا بخش کان ملي آهي ۽ صبر به اتان سکيو آهي. هن چيو ته شهيد راڻي ايشيا نه پر دنيا جي فلاسافر هئي ۽ سندس ڪتاب مفاهمت سڄي دنيا ۾ پڙهيو ۽ پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهادت کانپوءِ جيترا ايوارڊ مليا آهن اوترا کيس زندگي ۾ به نه مليا. هن چيو ته جيڪو به سٺو ڪم ڪيو آهي اهو شهيد راڻي جي روح ڪرايو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي اهو اسان جو قصور آهي. هن چيو ته شهيد راڻي چاهي ها ته ٺاهه تي صحيح ڪري ٻاهر وڃي پئي سگهي پر اهو آئون ڪڏهن به برداشت نه ڪريان ها ته هو صرف منهنجي لاءِ ٺاهه تي صحيحون ڪري. هن چيو ته فرزانه راجا کي به پارٽي ڇڏڻ جون آڇون ٿيون ۽ کيس چيو ويو ته تون اسان سان شامل ٿي وڃ تنهنجي مڙس کي ڇڏينداسين ۽ سمورا ڪيس به ختم ٿيندا پر هن شهيدن جي پارٽي نه ڇڏي. صدر آصف علي زرداري چيو ته تنقيد ڪندڙ ڀلي تنقيد ڪندا رهن هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي قبر ۾ وڃڻو آهي پر اسان کي ڳڙهي خدا بخش وڃڻو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلاسافي قيامت تائين هلندي. هن چيو ته هر اداري ۾ پورهيتن کي شيئرز ڏنا ويندا. هن چيو ته مائيڪروسافٽ دنيا جي وڏي ڪمپني آهي پر اتي به مزدورن کي شيئرز ڏنا وڃن ٿا ۽ اسٽيل ملز ۾ به اسان 80 سيڪڙو اونرشپ مزدورن کي ڏينداسين. هن چيو ته هاڻي جيڪا به صنعت لڳندي ان ۾ پورهيتن جو شيئرز ضرور هوندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، اسان کي ماڻهن جي پيٽ، انهن جي ٻارن ۽ مستقبل کي ڏسڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ حبيب بئنڪ کي اڍائي سئو ملين ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو هو پر ان جو هڪ پلاٽ اڍائي سئو ملين ڊالر کان مٿي جو آهي. هن چيو ته اسان احتساب عدالتون نه ٿا لڳائڻ چاهيون، اسان جو احتساب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿي رهيو آهي. شهيدن سان غداري ڪندڙن جو حشر عوام ڏسي ڇڏيو آهي. ڌن دولت هتي ئي رهجي ويندي قبر ۾ ناهي هلڻي. رشتيدارن جي ڳالهه ڪندڙ ٿورو صبر ڪن، کين غريب جي چلهه ٻرندي به ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪو مائٽن لاءِ زندهه رهي ٿو اهو تاريخ ۾ ڪڏهن به زندهه نه رهندو. اڄ به ڀٽو جي نالي سان ديوارون ڏڪي وڃن ٿيون. هن چيو ته اهو ڀٽو جو فلسفو آهي جو اڄ به لکين ماڻهو سندس لاءِ سر ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ هينئر ملڪ ۾ 99 سيڪڙو ماڻهن ڀٽو کي ڏٺو به نه هو پر اڄ به ٻچو ٻچو سندس جدوجهد ۽ تاريخ کان واقف آهي.