اتحادي پارٽين جو احترام ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي مفاهمت تي يقين رکي ٿي ۽ سمورين اتحادي پارٽين جو تمام گهڻو احترام ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ سينيٽر بابر غوري، سيد حيدر عباس رضوي، عادل صديقي ۽ رضا هارون شامل هئا. ان موقعي تي گهرو وزير رحمان ملڪ، قانون ۽ پارلياماني معاملن جو وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ صدر جو ترجمان فرحت الله بابر به موجود هئا. ملاقات دوران سنڌ ۾ اتحادي معاملن ۽ ايم ڪيو ايم بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ ڪلاڪ جاري رهندڙ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ايم ڪيو ايم وفد پنهنجي ڳڻتي جي معاملن کي صدر آصف علي زرداري تي ڇڏيندي چيو آهي ته کين صدر آصف علي زرداري تي ڀرپور اعتماد آهي.