آرٽيڪل

ڏکڻ ايشيا جي انقلابي شخصيت _ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو

تحرير: ڪلثوم کوسو
ڏکڻ ايشيا جي مشهور ۽ معروف سياسي حيثيت رکندڙ محترمه شهيد بينظير ڀٽو هڪ بين الاقوامي شخصيت سمجهي وڃي ٿي_ شهيد مهترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ دور جي موت طور تصور ڪيو وڃي ٿو _ پاڪستان کي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ آمريت جي ڇانو ۾ معاشرتي بدحالي، معاشي ۽ سياسي اونداهي ۾ ڍڪجي رهيو هو _ اهو سمجهيو پئي ويو ته محترمه جي وطن واپسي جي ڪري هاڻ ملڪ اونداهي مان نڪري ويندو پر ملڪ دشمن قوتن جي منصوبي تحت محترمه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ملڪ کي ساڳئي اونداهي ۾ ڌڪيوويو _ محترمه جي شهادت جو جيڪو نتيجو ملڪ دشمن سوچي رهيا هئا _ اهو ٿيو ڪو نه پر هڪ انقلاب اچي ويو آميريت جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ لڳيون ۽ عوام پيپيلزپارٽِي جي منشور کي سمجهندي عوامي پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن تائين آندو _ انقلاب ته اچڻو ئي هيو ڇاڪاڻ ته هڪ انقلابي شخصيت جي ختم ٿيڻ سان ناعاقبت انديش ماڻهن جي پنهنجي پاڙ لڏي وئي _ شهيد بي بي شروعات کان وٺي پنهنجي گهر ۾ سياسي ماحول ڏٺو _شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت پڙهيل لکيل ذهانت سان ڀرپورماحول فراهم ڪيو پنهنجن ٻارن کي جنهن جي ڪري ڀٽو خاندان ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر هڪ تعليم يافته خاندان طور سڃاتو وڃي ٿو _ اهڙي سياسي ماحول ۾ رهي، پلجي شهيد بي بي سياسي ماحول ۾ رنگجي وئي _ خدا طرفان عورت هوندي به کيس اهڙي سياسي بردبادي، ذهانت، ڏاهپ مليل هئي اهو ئي سبب هيو جو شهيد ڀٽو صاحب ننڍپڻ کان ئي نقصان جو رجحان ڏسي سياست جي ميدان جا لاها چاڙها سيکاريا _ اهڙي ڪا گڏجاڻي يا اهڙو ڪو جلسو نه هو جتي شهيد بي بي پنهنجي بابا سان گڏ نه وئي هجي ۽ کيس سياسي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪري ۽ با با پاران سياسي تربيت ملڻ سبب کيس سياست جا لاهاچاڙها سمجهه ۾ اچڻ لڳا هئا _ انهيءَ ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو پنهنجن ٻارن مان هن ننڍڙي پنڪي کي پنهنجو سياسي پڳدار بڻايو_ شهيد بي بي پنهنجي خاندان جا سٺا ڏينهن به ڏٺا ته خراب ڏينهن به پنهنجي اکين سان ڏٺا_حالتن جو مشاهدو تمام ويجهي کان ڪيو تنهنڪري ئي هوءَ سياست جي ميدان ۾ هڪ لازوال شخصيت ٿي اڀري جنهن کي پوري دنيا ۾ مانائتي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو _ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي راڻي طور سڃاتي وڃي ٿي جنهن سنڌ جي ڌرتي کي رڳو سياسي نظر سان نه پر پنهنجائپ جي نظر سان ڏٺو سنڌي ماروئڙن جي ڏکن، ڏونگرن کي دل سان محسوس ڪيو ۽ هميشه انهن جي حقن لاءِ بين الالقوامي فورم تي آواز اٿاريو _ شهيد بي بي ٻاهرئين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪيو پر کين پاڪستان جي تعليمي ادارن جو چڱي ريت علم هيو انهيءَ ڪري ملڪ جي بهتر تعليم لاءِ جوڳا قدم کنيا _ شهيد بي بي جڏهن به اقتدار ۾ آئي ملڪ جي ڏتڙيل طبقي کي اڳيان اچڻ جو موقعو ڏنو _ شهيد بي بي شروع کان وٺي قابل ۽ ذهين نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو _ پي پي پي جي دور ۾ ئي هيٺين طبقي وارن بي پهچ ماڻهن کي گهڻو روزگار مليو _ اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي معشيت تي سٺو اثر پيو _ شهيد محترمه بينظيرڀٽوشروعات کان وٺي ذهانت سان ڀرپور هئي ۽ هڪ متحرڪ شخصيت جي مالڪ هئي _ _ اهڙا ماڻهو هميشه ڪجهه نه ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن _ اهڙن ماڻهن جي انقلابي سوچ ڪري ئي ڀرپاسي وارا انسان انهن کان سڙندا آهن ۽ انهن جي صلاحيتن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن_ رڳو شهيد بي بي ئي نه پر ڀٽو خاندان ذهانت، ڏاهپ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي اهو ئي سبب آهي جو دشمن قوتون اهڙن مثبت سوچ ۽ انقلابي حيثيت رکندڙ ماڻهن کي برداشت نٿيون ڪن _ ڀٽو خاندان کي شروعات کان وٺي ذهني ۽ جسماني اذيتن جو منهن ڏسڻو پيو تنهن هوندي به هنن عوام جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ هميشه عوام جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ جاکوڙيندا رهيا _ موجوده پي پي پي جي حۡڪومت به ملڪ جي ترقي لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي _ هن وقت پاڪستان هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري ويو آهي _ گهڻا ملڪ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري تجارت ۾ لاڀ حاصل ڪري سگهجي اهو سڀ ڪجهه ڀٽو خاندان جي سوچ ۽ پ پ پ جي بهتر انتظامي سوچ واري قيادت جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي _ صدر آصف علي زرداري جي مفاهمت پسندانه سوچ جي ڪري سڀ پارٽيون گڏجي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ جاکوڙي رهيون آهن _
محترمه بينظيرڀٽو جڏهن جلاوطني کانپوءِ وطن جي سرزمين تي قدم رکيو ته کيس اکين ۾ ڳوڙها هئا اهي شڪراني ۽ دلي تڙپ جاڳوڙها هئا جيڪي پنهنجي سرزمين جي خوشبو محسوس ڪري ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏسي رڪجي نه سگهيا _ شهيد بي بي جي سحر انگيز شخصيت هئي جيڪو به ساڻس هڪ دفعو ملندو هيو اخلاق ۽ گفتگو مان ايترو ته متاثر ٿيندو هيو جو ائين لڳندو هيو ته ساڻس پهريون دفعونه ملي رهيو آهي بلڪه ائين لڳندو هو جو گهڻي وقت کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هجن _ اهڙي پنهنجائپ هوندي هئي محترمه جي ڳالهين ۾ شخصيت ۾ الله جون پسنديده هستيون اهڙِي الهامي سوچ رکندڙ هونديون آهن جن کي اچڻ واري خطري ۽ حالتن جو اندازو اڳواٽ ئي ٿي ويندو آهي _ ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته شهيد ٿيڻ کان پهرئين محترمه چوندي رهي ته منهنجي موت جو سامان تيار ڪيو پيو وڃي، ٿي سگهي ٿوته ايندڙ وقت ۾ پنهنجن پيارن ۽ عوام سان گڏ نه هجان _ وطن ورڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن صدرپاڪستان آصف علي زرداري کي چيو ته بختاور جي سالگره اچي رهي آهي مان هن جو تحفو وٺي رکيوآهي اهو ان کي جنم ڏهاڙي تي ڏئي ڇڏجو ۽ وطن ورڻ کانپوءِ شهيد بي بي صاحبه جڏهن ڳڙهي خدا بخش پنهنجي پيءُ جي قبر تي حاضري لاءِ وئي ته هن ان جاءِ جي به چونڊ ڪئي ته جڏهن مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته قبر هن جڳهه تي ٺاهجو _ شهيد انقلاب بي بي صاحبه کي شايد پنهنجي وڃڻ جو الهام ٿي چڪو هو پر ماڻهو سمجهي نه سگهيا ۽ ڪو مڃڻ لاءِ سوچڻ لاءِ همت ئي نه ڪري سگهيو ته اهڙي لازوال شخصيت اسان کان وچڙي ويندي _ اهو ڏينهن چڱي طرح سان ياد آهي جڏهن ميڊيا تي محترمه جي شهادت جو وڏي واڪي اعلان ٿي رهيو هو پر ڪو به شخص اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ ڪنهن کي به ان ڳالهه جو يقين ئي نه پئي آيو ته محترمه اسان ۾ ناهي رهي _ اهو ڪن ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، آکيون ڏسڻ لاءِ تيار نه هيون ۽ ذهن مڃڻ لاءِ تيار نه هيو، دل مان اها ئي دعا نڪري رهي هئي ته اهو سڀ خواب هجي سڀ افواهه هجي ۽ جڏهن اسان ننڊ مان بيدار ٿيون ته سڀ نارمل هجي _محترمه جون سياسي سرگرميون ائين ئي برقرار رهن ۽ اسان هن جو نوراني چهرو ڏسندا رهون پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو آخر ڪار خبر جنگل ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته سچ پچ ۾ هر دل عزيز بينظير ڀٽو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي _ ڪيترائي ڏينهن ماڻهو گم سم رهيا ته اهو اوچتو ڇا ٿي ويو ۽ اهو افسوسناڪ واقعو پاڪستان جي عوام جي ذهن تي اهڙا ڏک جا بادل ڇڏي ويو جيڪي اڃا تائين ائين ئي بيٺا آهن _ هر اک محترمه لاءِ آلي ٿي وڃي ٿي هر دل روئي ٿي _ ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button