پوليس محرم ۾ امن امان کي يقيني بڻائي: ضلعي پوليس آفيسر
حيدرآباد: ضلعي پوليس آفيسر ٽنڊو محمد خان محمد رياض سومرو ضلعي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس جوانن کي الرٽ رکڻ سميت ضلعي اندر مشڪوڪ ۽ ڌارين ماڻهن تي ڪڙِي نظر رکن _ ڊي پي او آفيس پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محرم الحرام دوران سيڪورٽِي جي حوالي سان ضلعي پوليس پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن _ تفصيل موجب ضلعي جي 12 حساس هنڌن تي وڌيڪ پوليس نفري مقرر ڪئي ويندي ، ضلعي اندر 111 مجلسن، 41 جلوسن ۽ 7 امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ انهن هنڌن تي پوليس جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رينجرز جا 2 دستا پڻ پوليس سان گڏجي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا _ ان کانسواءِ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ رزرو پوليس فورس جو انتظام ۽ ڊي پي او آفيس ۾ 15 جو ڪنٽرول روم به قائم ڪيوويو آهي _ڊي پي او پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس سان سهڪار ڪن ۽ ڪنهن به لاوارث شيءَ ۽ مشڪوڪ ماڻهو جي موجودگي بابت فوري طور تي 15 ذريعي پوليس کي آگاهه ڪن . پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽندو محمد خان جي مک چوراهن تي ڳجهون ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن ته جيئن مشڪوڪ ماڻهن جي چرپر تي نظر رکي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي جڏهن ته شهر جي مين چوڪ تي ضلعي پوليس طرفان هڪ طبي ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي