نگاھھ بلند سُخن دلنواز…..
ليکڪ: محمود خالد چوڌري
شدت پسندي يا انتھاپسندي ڪڏھن بھ ڪنھن معاشري، مذھب يا تھذيب ۾ پسنديدا نھ رھي آھي ۽ نھ ئي ڪنھن مھذب معاشري انتھاپسندي کي ڪڏھن سھڻو عمل قرار ڏنو آھي ڇوتھ شدت پسندي ھميشھ ڱڪرا* ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ ڱڪرا* جو نتيجو وڏي تباھي ھوندو آھي جنھن سان معاشرا نِيست ۽ نابود ٿي وڃن ٿا ان جي لا= ترقي پذير يا ترقي يافتھ معاشرا شدت پسندي جي روين کي پلجڻ نھ ٿا ڏين پر حوصلا شڪني ڪن ٿا تھ جيئن معاشري ۾ تخريبڪاري جو عنصر پيدا نھ ٿي سگھي. موجودھ ملڪي ۽ عالمي حالتن ۽ صورتحال جو جيڪڏھن غور سان جائزو ورتو وڃي تھ گلوبل وارمنگ سان انساني ۽ معاشرتي روين ۾ بھ شدت وڌندي نظر اچي رھي آھي ۽ جيڪڏھن تنگ نظري کان پاسو ڪندي حقيقت پسندي کان ڪم وٺي اھو چيو وڃي تھ شدت پسندي ڪنھن ھڪ ملڪ يا معاشري جو مسئلو نھ آھي پر عالمي سطح تي شدت پسندي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي تھ صحيح ھوندو، ان جي لاءِ ڪنھن ھڪ ملڪ، قوم يا معاشري تي شدت پسندي ۽ انتھاپسندي جو الزام لڳائڻ جي بدران عالمي سطح تي شدت پسندي جي خاتمي جي لا= موثر مھم ۽ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، ٻي صورت ۾ ان حقيقت کان اکيون چورائڻ ۽ ڪنھن ڪمزور ڌُر کي نشانو بڻائڻ سان شدت پسندي ختم نھ ٿيندي پر عالمي شدت پسندي ۽ انتھاپسندي سان پيدا ٿيندڙ تباھي وڏي پئماني تي بني نوع انسان جي فوتگي جو سبب بڻجي سگھي ٿي، جيتري قدر اسان جي معاشري ۽ معاشرت جو تعلق آھي تھ اھا ھڪ حقيقت آھي تھ وطن عزيز کي دنيا جي نقشي تي ظاھري ٿئي اڃا 36 ورھيھ ٿيا آھن ۽ انھن 36 ورھين ۾ اسان جي ملڪ تي گھڻي قدر آمريتون مڙھيل رھيون آھن، جن عوام الناس جا حق ڪُچلي فرد واحد جي حڪمراني کي ھٿي ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر جيتوڻيڪ اسان جي عوام جو مزاج جمھوري آھي ان جي لا= جڏھن بھ ڪنھن آمر عوامي حقن جي لتاڙ ڪئي عوام ۽ حقيقي عوامي نمائندن ھميشھ انھن جي خلاف مزاحمت ڪئي، اھا ڳالھھ بھ صاف ظاھر آھي تھ آمرن ھميشھ سياستدانن جي غلطين مان فائدو ورتو ۽ جمھوريت جي نِڙيءَ تي لَت ڏني. وطن عزيز تي مڙھيل آمريتن ۽ جمھوري دورن جو تقابلي جائزو ورتو وڃي تھ اھا ڳالھھ روشن ڏينھن وانگر عيان ٿي وڃي ٿي تھ مفاد پرست ۽ سازشي عنصرن ھميشھ جمھوريت جي خلاف سازش ذريعي سياستدانن کي ڀڙڪائي ۽ ڀڱڪائي آمريت جي راھھ ھموار ڪئي. .9 جي ڏھاڪي ۾ تھ اھي سازشون ايتريون وڌي ويون جو چئن جمھوري حڪومتن کي محض ڪرپشن جا الزام لڳائي ھيٺان مٿان ختم ڪيو ويو ۽ آخرڪار ملڪ تي ڊگھي آمريت مڙھي وئي. ائين محسوس ٿئي ٿو تھ آمريت جي واٺن وڱ جمھوري حڪومتن خلاف ڪرپشن ۽ بدعنواني کان علاوھ ٻيو ڪو الزام بچيو ئي نھ آھي، انھن سازشي عنصرن جي ھٿ ھاڻي پروپيگنڊا جو موثر ھٿيار بھ لڳي چڪو آھي، جنھن سبب تمام جلد ڳالھھ جو پتنگڙ بڻايو وڃي ٿو جڏھن تھ افواھھ ساز ڪارخانا الڳ کلي چڪا آھن جن جي بي بنياد پروپيگنڊا کي اليڪڱرانڪ ميڊيا ۽ انفارميشن ڱيڪنالاجي جا آلات مھميز ڏيڻ جو سبب بڻجي رھيا آھن، اھڙي ريت افواھھ ساز ٿوري ڳالھھ کي ائين وڌائي ڪري پيش ڪري ڇڏن ٿا ڄڻ ھينئر آسمان ڪري پوندو يا زمين ڦاڱي پوندي ۽ انھن جا افواھھ جديد مواصلاتي آلات سبب ٻيلي جي باھھ وانگر ڦھلجي وڃن ٿا. عوام جن حڪمرانن کي چونڊي اڳواڻي بخشي ٿو انھن حڪمرانن کي حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ نھ صرف ڊگھي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي پر مشڪلات ۽ تڪليفن جي بَٺيءَ ۾ ٻري ڪُندن ٿي نڪرڻو پوي ٿو تڏھن وڃي مٿن حڪمراني جو تاج ويھي ٿو ۽ جڏھن چونڊيل نمائندا اقتدار واري ڪرسي* تي ويھي وڃن ٿا تھ پوءِ کين ڪڙي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوي ٿو ڇوتھ حڪمراني گلن جي سيج نھ پر ڪنھن وقت ڪنڊن جو ھنڌ ثابت ٿئي ٿو جنھن جي لا= ھميشھ عقل، ھوش ۽ احتياط جو دامن پڪڙي رکڻو پوي ٿو، ڇوتھ تدبر ۽ احتياط کان ڪم نھ ورتو وڃي تھ اقتدار ان خشڪ واريءَ وانگر ھٿان نڪري وڃي ٿو جيئن ڪو ديوانو پنھنجي مُٺ ۾ بند رکڻ جي ڪوشش ڪري. ڪير نھ ٿو ڄاڻي تھ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني انھن سمورن مرحلن مان گذري اقتدار حاصل ڪيو آھي. صدر زرداري عوام جي حقن جي جدوجھد ۾ بي ڏوھي 21 سال جيل جون تڪليفون سَٺيون، ٻئي پاسي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني بيروزگارن جي روزگار ڏيڻ جي ڏوھھ ۾ پنج سال جيل ڪاڱيو انھن ٻنھي رھنمائن عوام جي حقن جي ڊگھي جدوجھد ۾ جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون انھن جو ثمر کين ا الله تعاليٰ اقتدار جي صورت ۾ عطا ڪيو آھي پر جيتوڻيڪ اھي عوامي نمائندا آھن ۽ عوام جي ووڱن سان چونڊجي اقتدار تي اچي ويٺا آھن ان جي لاءِ اھي ھر وقت عوام جي آڏو جوابدھھ آھن جنھن جو اھو مطلب ھرگز نھ آھي تھ سندن خلاف ڪوڙي بي بنياد پروپيگنڊا ڪري کين ھر وقت احتساب جي چڪي ۾ پيسيو وڃي، اھي پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارڱي جا اڳواڻ آھن جن تي ملڪ جي عوام کي ڀرپور اعتماد آھي، سندن خلاف ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا ڪرڻ عوامي اعتماد کي ٺيس پھچائڻ ۽ عوامي حقن تي ڌاڙي ھڻڻ جي برابر آھي. موجودھ عوامي حڪومت جيڪڏھن ڪجھھ غلطيون ڪيون بھ ھونديون تھ ان جي نسبت ڪارناما بھ گھڱ نھ آھن ملڪ تي مڙھيل ڊگھي آمريت جي پيدا ڪيل اقتصادي، معاشي ۽ توانائي جي بحرانن سان منھن ڏيڻ ۽ دھشتگردي* جھڙي بي پاڙي تي ضابطو آڻڻ موجودھ عوامي حڪومت اھي شاندار ڪارناما آھن جن تي قوم کي فخر آھي ۽ پوءِ پوري قوم کي متحد ڪري دھشتگردي خلاف سوڀ حاصل ڪرڻ بھ موجودھ حڪمرانن جي ڏاھپ ۽ تدبر جو ثبوت آھي، جڏھن تھ 3791ع جي آئين کي سندس اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ سان پارليامينڱ کي مضبوط ۽ بالادست بڻائڻ، آزاد عدليا کي بحال ڪرڻ، قوم کي متفقھ قومي مالياتي ڪميشن جي ايوارڊ جو تحفو ڏيڻ، بلوچستان جي عوام مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ گلگت بلتستان جي عوام کي داخلي خودمختياري ڏئي اتي عوامي حڪومت قائم ڪرڻ موجودھ عوامي حڪومت جي ڪاميابين جا واضح ثبوت آھن، موجودھ جمھوري دور ۾ مملڪتي معاملا بنا روڪ ڱوڪ بھتر ۽ پُرسڪون انداز ۾ انجام ڏنا پيا وڃن، سمورا ادارا پنھنجو آئيني ڪردار آئين جي دائري ۾ رھندي انجام ڏئي رھيا آھن ۽ ادارن جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام جو ماحول قائم آھي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني خلقِ خدا کي آسانيون فراھم ڪرڻ جي لا= مصروف عمل آھن ۽ جيڪڏھن ساڙ جي عينڪ لاھي ڏٺو وڃي تھ ملڪي معيشت، حالتون ۽ واقعا وطن دشمن سازشي ۽ مفاد پرست عنصرن جي پروپيگنڊا جي بلڪل ابتڙ نظر اچن ٿا ڇوتھ انسان خطا جو پُتلو آھي ان جي لا= ٿي سگھي ٿو تھ موجودھ حڪمرانن کان بھ ڪجھھ غلطيون ٿي ويون آھن لھذا انھن غلطين جو دھل اھڙي طرح تھ نھ وڄايو وڃي جو عوامي ۽ جمھوري حڪومت جي بيشمار ڪارنامن جو ذڪر ئي نھ ڪيو وڃي، حڪمرانن جي غلطين کي برداشت ڪيو وڃڻ بھ ضروري ۽ جمھوري تقاضن جي عين مطابق آھي تھ جيئن ملڪ ۾ جمھوريت جو تسلسل برقرار رکي سگھجي ۽ پو= جڏھن کين خود انھن غلطين احساس ھجي ۽ اھي انھن جو اعتراف بھ ڪندا ھجن تھ انھن تي فخر ڪيو وڃڻ گھرجي تھ اسان جي موجودھ ملڪي قيادت پنھنجي غلطين مان سبق سِکي وڌڻ جو عمل جاري رکيون ويٺي آھي، اھا زندھھ قومن جي نشاني ھوندي آھي تھ اھي ھميشھ زندھھ دل حڪمرانن جي پٺڀرائي ڪندي منزل جا ڏاڪا پار ڪنديون رھن ٿيون.