نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي وارن هنڌن تي جمع ٿيل گندي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويندو: واسا
حيدرآباد: ترقياتي اداري حيدرآباد جي شعبي واسا جي مينجنگ ڊائريڪٽرمحرم الحرام دوران شهري تعلقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي سميت ٻين مسئلن جي حل ۽ شهري تعلقن جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪانٽيجينسي پلان جوڙِيو آهي _ پلان تحت شهر ۾ پاڻي جي وڌيڪ گهرج مطابق پاڻي جي فراهمي واري وقت ۾ اضافو ۽ پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ واٽرٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويندو _پلان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شهري تعلقن جي مختلف علائقن جي کليل مين هولن تي ڍڪڻ لڳائڻ ۽ محرم الحرام جي مناسبت سان نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي وارن هنڌن تي جمع ٿيل گندي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويندو ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻُو پوي _ ٻئي پاسي واسا جي سمورين ڊويزنل آفيسن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت عوام جي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ پڻ شڪايتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي صورت ۾ تلسي داس ۽ حبيب هوٽل وٽ اسٽينڊ باءِ جنريٽر لڳايا ويا آهن ۽ قدم گاهه موليٰ علي ۽ دادن شاهه پمپنگ اسٽيشنن جي مرمت ۽ گند ڪچري جي صفائي لاءِ 4 _ 4 ماڻهن تي مشتمل خصوصي ٽيمون جوڙيون ويون آهن