عوامي واعدن جي تڪميل
ليکڪ: ياسر بخاري
پاڪستان پيپلزپارڱي جي تاريخ شاھد آھي تھ جڏھن بھ ھن پارٽي کي عوامي خدمت جو موقعو مليو ھن جي اڳواڻن ڪڏھن بھ عوام کي مايوس نھ ڪيو ۽ ھميشھ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا يا عوامي واعدن جي تڪميل لا= ڪوشش ڪئي اھا الڳ ڳالھھ آھي تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو جي پھرين اقتدار واري دور کان علاوھ سازشي عنصرن آمريت جي پوئلڳن سان گڏجي پاڪستان پيپلزپارڱي جي ڪنھن بھ حڪومت کي سندس آئيني مدت پوري نھ ڪرڻ ڏني. قائد جمھوريت شھيد محترمھ بينظير ڀڱو جي قيادت تي ھن ملڪ جي عوام ٻھ ڀيرا ڀرپور اعتماد ڪيو پر سازشي عنصرن ٻئي ڀيرا سندس حڪومت جي آئيني مدت پوري نھ ٿيڻ ڏني، ان جي باوجود شھيد محترمھ بينظير ڀڱو پنھنجي بصيرت سان عوامي مفادن جي نگھباني ڪئي ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا. ھن پنھنجي پھرين حڪومتي دور ۾ ملڪ ۽ ملت جي مستقبل جي ضرورتن ۽ تقاضن کي سامھون رکندي توانائي جي ايندڙ بحران کي ماپي ورتو ۽ گوادر پورڱ جي تعمير ۽ ترقي سان بجلي جي کوڱ کي ڏسندي بجلي گھرن جي ذريعي بجلي حاصل ڪرڻ جو ويزن ڏنو ان ويزن تحت شھيد محترمھ بينظير ڀڱو غير ملڪي سرمائيڪارن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي راھھ ڏيکاري اھڙي ريت ملڪ ۾ پھريون ڀيرو خانگي بجلي گھرن جي ذريعي بجلي حاصل ڪري گھر گھر بجلي پھچائي وئي ۽ ملڪي صنعت جو ڦيٿو روان رکيو ويو اھو قائد جمھوريت شھيد محترمھ بينظير ڀڱو جو ويزن ھو جو ان کان پو= ھيستائين بجلي جي حصول لا= ڪوبھ وڏو پراجيڪڱ شروع نھ ڪيو ويو ۽ سندس دور ۾ لڳايل خانگي بجلي گھر اڃا تائين ملڪ ۽ ملت کي روشن ڪيون ويٺا آھن اھو ئي نھ پنھنجي ٻئي مختصر دور ۾ ملڪ ۽ ملت کي ميزائل ڱيڪنالاجي جو تحفو ڏنو جنھن سبب پاڪستان اڄ دنيا جي اکين ۾ اکيون وجھي برابري جي سطح تي بيٺو آھي، ڇوتھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو طرفان جوھري ۽ قائد جمھوريت شھيد محترمھ بينظير ڀڱو طرفان ڏنل ميزائل ڱيڪنالاجي جي تحفن پاڪستان کي عسڪري لحاظ کان مضبوط بڻائي ڇڏيو آھي، جيڪڏھن انھن ٻنھي عظيم رھنمائن جي حڪومتي دورن کي آئيني مدت پوري ڪرڻ ڏني وڃي ھا تھ شايد اڄ پاڪستان ترقي پذير ملڪن جي صف مان نڪري ترقي يافتھ قومن جي صف ۾ بيٺو ھجي ھا پر آمرن جون سازشون جيتوڻيڪ ختم نھ ٿيون ٿين ۽ سندن مھم جوئي جون خواھشون ھنن جمھوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لا= مجبور ڪنديون رھن ٿيون، انھي* جي لا= ماضي ۾ بھ آمرن جمھوري حڪومتن تي قبضا ڪري پنھنجي خواھشن جي تڪميل ڪئي جنھن سبب ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي رفتار مثبت بدران منفي ڏانھن وڌي وئي ۽ موجودھ عوامي حڪومت جي قائم ٿيڻ وقت ملڪ اقتصادي طور تي ڏيوالپڻ جو شڪار ٿيڻ وارو ھو جڏھن تھ امن امان ۽ توانائي جي بحرانن بيپاڙي* وانگر ملڪ ۽ قوم کي جڪڙي رکيو ھو، دھشتگردي عروج تي ھئي ۽ آمريت جي ناقص اقتصادي پاليسين سبب ملڪ ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي چڪي ھئي، کاڌ خوراڪ وارين شين ۽ عوام جي روز مرھھ واھپي وارين شين جون قيمتون ڏينھون ڏينھن وڌي رھيون ھيون جڏھن تھ اناج جي کوڱ الڳ ھئي، ھاڻي عوامي حڪومت انھن مسئلن سان نبري رھي ھئي تھ ملڪي تاريخ جي بدترين ٻوڏ رھي سھي ڪسر پوري ڪري ڇڏي ان جي باوجود صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ھمت نھ ھاري ۽ وڏي مڙسي* ۽ تدبر سان ملڪ ۽ قوم کي معاشي اقتصادي ۽ توانائي جي بحرانن مان ڪڍڻ لا= تيار آھن اِھو صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي رھنمائي جو نتيجو آھي جو سندن رھنمائي ۾ پنھنجي ڪم ۾ ماھر، دانشور ۽ متحرڪ وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ ملڪ ۽ ملت مان تخريبڪاري ۽ دھشتگردي جو خاتمو ڪري قوم کي امن ۽ سڪون جي راحت سان نوازيو آھي جنھن سبب عوامي حڪومت عوام جي اعتماد سان ھاڻي ٻيا عوامي مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رھي آھي تھ جيئن عوام گذريل عام چونڊن ۾ صدر آصف علي زرداري جي قيادت تي جيڪو ڀرپور اعتماد ڪيو ھو ان جي سھاري عوام سان ڪيل واعدن جي تڪميل ڪري سگھجي، پنھنجي ان ڪوشش ۾ عوامي حڪومت ھيستائين انتھائي ڪامياب ۽ ڪامران رھي آھي ڇوتھ عوامي حڪومت عوام کي ڳڀو، لڱو ۽ اجھو فراھم ڪرڻ جي پنھنجي منشور تي عمل پيرا آھي. عوامي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اڳوڻن دورن ۾ نوڪرين مان ڪڍيل لکين ماڻھن کي سندن نوڪرين تي بحال ڪري کين زندگي جي ڊوڙ ۾ واپس شريڪ ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ بينظير انڪم سپورڱ پروگرام جي ذريعي ھيستائين .7 لک ڪڱنبن جي گھرن جا چُلھا روشن ڪيا ويا آھن جنھن جو مطلب آھي تھ پاڪستان جي آبادي واري شرح جي تناسب سان ھن ملڪ جي ڱن ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھن جي بُک مڱائڻ جي لا= حڪومت بنيادي وسيلا فراھم ڪري رھي آھي ان کان علاوھ بينظير اسڱاڪ آپشن اسڪيم تحت ملڪ جي لکين پورھيتن کي ڪارخانن ۾ 21 سيڪڙي جا حصا ڏئي کين ڪارخانن جو مالڪ بڻايو ويو آھي، جڏھن تھ وسيلا حق پروگرام جي ذريعي ھزارين ماڻھن کي پنھنجي روزگار جي لا= 3 لک رپيا في ڪڱنب جي تناسب سان فنڊ فراھم ڪيا ويا آھن تھ جيئن اھي پنھنجو روزگار پاڻ ڪمائي ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ شامل ٿي سگھن، توانائي جي بحران سان منھن ڏيڻ جي لا= عوامي حڪومت ڪرائي جي بجلي گھرن مان بجلي حاصل ڪرڻ جو جيڪو ويزن ڏنو ھو ان تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آھي ۽ ڪراچي ۾ ترڪي مان آيل سامونڊي جھاز تي دنيا جو پھريون سڀ کان وڏو ڪرائي جو بجلي گھر بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، اھڙي ريت سياسي محاذ تي عوامي حڪومت ميثاق جمھوريت تي عملدرآمد ڪري سرخرو ٿي آھي. جنھن جو واضح ثبوت عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي آھي ھاڻي عوامي حڪومت جون نظرون ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي، ڪرپشن ۽ ٻوڏ سڱيلن جي مڪمل بحالي تي آھن، عوامي حڪومت مھانگائي جي پائيدار سدباب جي لا= ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن تھ ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جي خلاف ڀرپور مھم شروع ڪئي وئي آھي ۽ ٻوڏ سڱيلن جي مڪمل بحالي جي لا= صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاڻ ذاتي طور تي دلچسپي وٺي رھيا آھن جنھن جي ڪري ھيستائين لکين ٻوڏ متاثرن ۾ وطن ڪارڊ ورھايا ويا آھن ۽ ان شفاف انداز ۾ ٻوڏ متاثرن کي .2 ھزار رپيا في ڪس جي حساب سان رقم ادا ڪئي وئي آھي تھ ڪنھن کي آٽر کڻڻ جي جرئت نھ ٿئي، ٻوڏ سڱيلن کي بقايا .8 ھزار رپيا في ڪس جي تناسب سان فراھم ڪرڻ لا= وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آھن ۽ سمورين صوبائي حڪومتن کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي وطن ڪارڊ جي ذريعي ٻوڏ متاثرن کي رقمن جي فراھمي کي اڻڱر بڻائن، لھذا عوام الناس پنھنجي عوامي حڪومت تي يقين رکي، انشاء لله پنھنجي پنج سالا آئيني مدت پوري ڪرڻ کان پھريان عوامي حڪومت عوام سان ڪيل سمورن واعدن جي تڪميل ڪري آئيندھھ عام چونڊن جي موقعي تي ھڪ ڀيرو ٻيھر عوامي عدالت ۾ ايندي ۽ سرخرو ٿيندي.