سکر

علماءَ هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين: ڊي سي او سکر

majalisسکر: ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو مختلف مڪتبهء فڪر جي علماءُ کي اپيل ڪئي آهي ته هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين ته جيئن هي مقدس مهينو خيرو خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار محرم الحرام دوران انتظامن جو جائزو ۽ امن امان برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن ميٽنگ جي سڏائڻ جو مقصد محرم دوران درپيش ايندڙ مسئلن متعلق آگاهي وٺڻ، انهن کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته خدا جو شڪر آهي جو اسانجو ضلعو سکر ڪنهن به تخريبڪاريءَ کان محفوظ رهيو آهي. هن چيوته اسانکي هڪ قوم ۽ ذميدار شهري جو مظاهرو ڪندي چوڪس رهڻو آهي. جنهن لاءِ ڪميونٽي جي حمايت ضروري آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ هن انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن واپڊا جي عيوضي کي چيو ته هو عزاداري دوران غيرضروري بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان پرهيز ڪن. هن چيو ته اسانجي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي ته عشره محرم خيريت سان گذري وڃي. هن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته هو صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جو جوڳو انتظام ڪن ته جيئن شهر مان ماتمي جلوسن کي شهر مان گذرڻ وقت ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي.                                                                                                                    اي ڊي او هيلٿ سکر، ڊاڪٽر طارق دريشاڻي گڏجاڻي دوران يقين ڏياريو ته صحت کاتي طرفان عاشوري دوران ايمبولنس، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ضرورت مطابق گهربل دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون ڊي پي او سکر اعتزاز گورايه ميٽنگ دوران يقين ڏياريو ته محرم دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام حفاظتي انتظام ڪيا ويندا. هن ميٽنگ ۾ شريڪ ماڻهن کي چيو ته هو ماتمي جلوسن جي ٽائيم جي پابندي کي يقيني بڻائين ۽ اهڙا مقرر جن مٿان حڪومت پاران پابندي لڳائي وئي آهي، تن کي نه آندو وڃي ۽ اهڙا ذاڪر جيڪي مجلس پڙهن، تن جي لسٽ فراهم ڪن ته جيئن انهن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائجي  ڪمانڊنٽ شهباز رينجرس، ليفٽيننٽ ڪرنل فرخ ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو به وڳوڙي نظر اچي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ نفرت تي مبني مواد جي ورهاست کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي. جلوسن جي ۽ روٽ جي سختي سان پابندي ڪئي وڃي ۽ ضابطهء اخلاق تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي خلاف ورزيءَ کان پاسو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هڪٻئي جي مسلڪ جو احترام ڪيو وڃي ۽ هن مقدس مهيني دوران تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو وڃي. هن اسڪائوٽس کي چيو ته هو پنهنجي ذميوارين کي بهتر طريقي سان سر انجام ڏين. ميٽنگ ۾ شريڪ مختلف مڪتبهء فڪر سان واسطو رکندڙ عالمن، انتظاميه کي محرم الحرام مهيني دوران امن امان کي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي طرفان به مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون. ميٽنگ ۾ مولانا سيد محمد عالم شاهه موسوي، مولانا سيد حسن شاهه نقوي، مولانا علي بخش سجادي، مولانا عبدالوهاب چاچڙ، حاجي الاهي بخش شيخ ۽ واسطيدار آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
علماءَ هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين: ڊي سي او سکر
سکر: ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو مختلف مڪتبهء فڪر جي علماءُ کي اپيل ڪئي آهي ته هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين ته جيئن هي مقدس مهينو خيرو خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار محرم الحرام دوران انتظامن جو جائزو ۽ امن امان برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن ميٽنگ جي سڏائڻ جو مقصد محرم دوران درپيش ايندڙ مسئلن متعلق آگاهي وٺڻ، انهن کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته خدا جو شڪر آهي جو اسانجو ضلعو سکر ڪنهن به تخريبڪاريءَ کان محفوظ رهيو آهي. هن چيوته اسانکي هڪ قوم ۽ ذميدار شهري جو مظاهرو ڪندي چوڪس رهڻو آهي. جنهن لاءِ ڪميونٽي جي حمايت ضروري آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ هن انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن واپڊا جي عيوضي کي چيو ته هو عزاداري دوران غيرضروري بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان پرهيز ڪن. هن چيو ته اسانجي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي ته عشره محرم خيريت سان گذري وڃي. هن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته هو صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جو جوڳو انتظام ڪن ته جيئن شهر مان ماتمي جلوسن کي شهر مان گذرڻ وقت ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي.                                                                                                                    اي ڊي او هيلٿ سکر، ڊاڪٽر طارق دريشاڻي گڏجاڻي دوران يقين ڏياريو ته صحت کاتي طرفان عاشوري دوران ايمبولنس، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ضرورت مطابق گهربل دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون ڊي پي او سکر اعتزاز گورايه ميٽنگ دوران يقين ڏياريو ته محرم دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام حفاظتي انتظام ڪيا ويندا. هن ميٽنگ ۾ شريڪ ماڻهن کي چيو ته هو ماتمي جلوسن جي ٽائيم جي پابندي کي يقيني بڻائين ۽ اهڙا مقرر جن مٿان حڪومت پاران پابندي لڳائي وئي آهي، تن کي نه آندو وڃي ۽ اهڙا ذاڪر جيڪي مجلس پڙهن، تن جي لسٽ فراهم ڪن ته جيئن انهن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائجي  ڪمانڊنٽ شهباز رينجرس، ليفٽيننٽ ڪرنل فرخ ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو به وڳوڙي نظر اچي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ نفرت تي مبني مواد جي ورهاست کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي. جلوسن جي ۽ روٽ جي سختي سان پابندي ڪئي وڃي ۽ ضابطهء اخلاق تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي خلاف ورزيءَ کان پاسو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هڪٻئي جي مسلڪ جو احترام ڪيو وڃي ۽ هن مقدس مهيني دوران تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو وڃي. هن اسڪائوٽس کي چيو ته هو پنهنجي ذميوارين کي بهتر طريقي سان سر انجام ڏين. ميٽنگ ۾ شريڪ مختلف مڪتبهء فڪر سان واسطو رکندڙ عالمن، انتظاميه کي محرم الحرام مهيني دوران امن امان کي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي طرفان به مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون. ميٽنگ ۾ مولانا سيد محمد عالم شاهه موسوي، مولانا سيد حسن شاهه نقوي، مولانا علي بخش سجادي، مولانا عبدالوهاب چاچڙ، حاجي الاهي بخش شيخ ۽ واسطيدار آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button