شمس جعفراڻي، آثار قديمه ۽ سکر ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ تاريخي مسجد محمد بن قاسم، اروڙ جو دورو ڪيو
سکر: سيڪريٽري ثقافت شمس جعفراڻي، آثار قديمه ۽ سکر ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ تاريخي مسجد محمد بن قاسم، اروڙ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ شايع ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽس وٺندي، منسٽر ڪلچر محترمه سسئي پليجوصاحبه جي هدايت تي هي دورو ڪيو، جيئن هن معاملي کي گڏجي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته 18 ترميم تحت سنڌ جي تمام آرڪيالاجي جي ماڳن کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن تحت حڪومت سنڌ محمد بن قاسم مسجد اروڙ کي اوليت ڏيئي رهي آهي، هن سلسلي ۾ حڪومت سنڌ ۽ يونيسيف سان معاهدو ڪيو ويو آهي ته جئين هن مسجد کي آرڪيالاجي ٽيڪنڪ مطابق ان جي اصلي حالت ۾ بحال ڪري سگهجي. آخر ۾ سيڪريٽري ڪلچر نئين تعمير ٿيندڙ ڪلچرل ڪامپليڪس سکر جو دورو ڪيو دوري دوران هن ٻڌايو ته هي ڪامپليڪس ساڍا 7 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. جيڪو هڪ ايڪڙ ايراضي تي مشتمل هوندو جنهن ۾ ميوزم، آڊيٽوريم، ورڪشاپ هال، آرٽ گيلري، لائبرري ۽ آفيسيون شامل آهن.