سکر ۾ معذور ٻارن جي عالمي ڏينھن تي ريلي ڪڍي وئي
سکر: انٽرنيشنل معذورن جي ڏينهن جي ملهائڻ جي سلسلي ۾ هڪ ريلي گورنمينٽ پائلٽ پراجيڪٽ اسڪول فار بلائينڊ سکر پاران لب مهراڻ کان گورنمينٽ اسڪول فار بلائينڊ بئراج ڪالوني سکر تائين منعقد ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايم پي اي، حاجي انور خان مهر ڪئي، بعد ۾ گورنمينٽ اسڪول فار بلائينڊ سکر پاران هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ، شڪارپور، خيرپور ، رتو ديرو، شهداد ڪوٽ ۽ محرابپور جي معذور اسڪولن جي بارن ۽ استادن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي حاجي انور خان مهر چيو ته معذور ٻار عالمي ليول تي مڃتا ماڻي چڪا آهن، هن وڌيڪ چيو ته معذور ٻارڙن جي سرڪاري محڪمن ۾ 02 سيڪڙو ڪوٽا لاءِ هو سنڌ اسيمبلي آواز اٿاريندو ته جيئن معذور ٻارن کي روزگار مهيا ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته هي ٻار اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪو هڪ نارمل ٻار حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ هنن به اوتريون صلاحيتون موجود آهن جيڪي عام ٻارن ۾ هونديون آهن. هن ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو هنن ٻارن کي معاشري جو هڪ ڪار آمد فرد سمهجي ورتاءُ ڪن. انهيءَ موقعي تي پبلڪ اسڪول سکر جي پرنسپل نثارالله بلوچ اعزازي مهمان خاص جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسپيشل ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن جو احترام ڪيو ويندو آهي. هن کان اڳ پرنسپل گورنمينٽ پائليٽ اسڪول فار بلائينڊ سکر منظور احمد اڄڻ ڳالهائيندي چيو ته هي ڏهاڙو اسپيشل ٻارن جي مڃتا طور ملهايو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي ٻار معذور نه ، پر اسپيشل آهن ۽ تمام گهڻا محنتي آهن. هن اسڪول ۾ هي ٻار تعليم سان گڏ هنري ڪم جي سکيا پڻ ڏني وڃي ٿي جن ۾ ڪرسيون واڻڻ، درزڪو، ڪمپيوٽر هلائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ به شامل آهن ٿا. هن کان اڳ ۾ معذور ٻارن ٽيبلوز ۽ گيت به پيش ڪيا