سکر
سکر بئراج جا سمورا ڪئنال ۾ 06 جنوري کان 20 جنوري 2011، تائين بند رهندا
سکر : چيف انجنئير ايريگيشن سکر بئراج ليفٽ بئنڪ سکر ريجن، محمد هارون ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته سکر بئراج جا سمورا ڪئنال ضروري سار سنڀال ۽ مرمت جي سلسلي ۾ 06 جنوري کان 20 جنوري 2011، تائين بند رهندا، مذڪوره عرصي دوران سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنال جن ۾ اين ڊبليو ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ، خيرپور فيڊر ويسٽ، روهڙي مين ڪئنال، نارا ڪئنال شامل آهن. انهن ۾ پاڻي جو وهڪرو بند رهندو.