سيڪيورٽي جي بھترين انتظامن تي ھڪ نظر
ليکڪ: مرتضيٰ محسن
دوست پاڙيسري ملڪ عوامي جمھوريا چين جي وزيراعظم وين جيابائو پاڪستان جي انتھائي ڪامياب دوري بعد خيريت سان وطن واپس پھچي چڪو آھي ۽ ھتي پاڪستان ۾ بھ محرم الحرام جو پھريون ڏھو خاص ڪري يوم عاشور خير خيريت سان گذري چڪو آھي جنھن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي تھ ايترن سالن کان پو= ھي پھريون محرالحرام جو ڏھو ھو جنھن ۾ ڪنھن قسم جو ڪوبھ ناخوشگوار واقعو پيش نھ آيو ۽ نھ ئي دوست پاڙيسري ملڪ چين جي وزيراعظم جي پاڪستان ۾ موجودگي جي دوران کيس ڪا بري خبر ٻڌڻ جي لاءِ ملي. چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري ۽ يوم عاشور جي موقعي تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ڪڍيل ماتمي جلوسن تي جيتوڻيڪ حڪومت کي دھشتگردن طرفان حملن جون ڌمڪيون ملي چڪيون ھيون ۽ انھن موقعن تي دھشتگردي جي ڪابھ وارڌات يا ننڍو وڏو واقعو پيش اچي سگھيو پئي پر وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ ان سموري معاملي کي جنھن انداز ۾ چيلينج سمجھي اُڪلايو ان مان اھا ڳالھھ سچ ثابت ٿي وئي آھي تھ ھمت ڪري انسان تھ ڇا ڪجھھ نھ ٿو ٿي سگھي. عوامي جمھوريا چين جي وزيراعظم جنھن خوشگوار ماحول ۾ پاڪستان جو دورو ڪري ويو آھي اھا پاڪستاني قوم جي لاءِ وڏي فخر واري ڳالھھ آھي تھ گھر آيل مھمان جي مھمان نوازي ۽ ميزباني جو فريضو عزت ۽ احترام سان انجام ڏنو ويو، چيني وزيراعظم جي خوشي جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ وڃڻ وقت ھن پنھنجي مادري زبان کي وساري ۽ روايت کان ھڱي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان انگريزي ۾ مڪالمو ڪندي بھترين ميزباني تي سندس شڪريو ادا ڪيو. چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري جي موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورڱي جا اھڙا فول پروف انتظام ڪيا جو معزز مھمان جي رستن ۾ يا سندس آس پاس ڪنھن جھرڪي کي بھ پَر مارڻ جي جرئت نھ ٿي سگھي ۽ نھ ئي عوام کي ان موقعي تي سيڪيورڱي انتظامن سبب تڪليفن جو منھن ڪرڻو پيو ڇوتھ چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري دوران سندس سيڪيورڱي جو پلان وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ جي تجربي ۽ ڏاھپ تحت تيار ڪيو ويو ھو، جيتوڻيڪ معزز مھمان يوم عاشور تي پاڪستان آيو ھو ان لاءِ حڪومت جتي معزز مھمان جي استقبال ۽ سندس حفاظت تي ڌيان ڏئي رھي ھئي اُتي ڪربلا جي شھيدن جو غم ملھائيندڙن جي تحفظ کان بھ بي خبر نھ ھئي. وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ عاشوري جي جلوسن جي نگراني ۽ تحفظ لاءِ ڪنڱرول سيلز جي پوري ملڪ ۾ جيڪا ڄار وڇائي ان جي بدولت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پل پل جي صورتحال کان ھو آگاھھ رھيو ۽ وقتن فوقتن ھدايتون جاري ڪندو رھيو جڏھن تھ ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ عملدارن فرض شناسي جو مثال قائم ڪندي پوري ملڪ ۾ مڪمل طور تي امن امان کي بحال ڪري رکيو جنھن تي پوري قوم کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي. گھرو وزير رحمان ملڪ چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري ۽ يوم عاشور دوران مڪمل طور تي امن امان برقرار رکڻ ۽ سيڪيورڱي جي بھترين انتظامن تي ڪمانڊوز کي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھڪ مھيني جي پگھار اعزاز طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو ھڪ خوشي جوڳو قدم آھي، ڇوتھ ان قدم سان فرض شناسي جو مثال قائم ڪندڙ آفيسرن ۽ عملدارن جو حوصلا افزائي ٿيندي ۽ ھو آئيندھھ بھ پنھنجو ڪردار سھڻي نموني ادا ڪندا رھندا، پر سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تھ عوامي حڪومت جي ان ڏاھي وزير رحمان ملڪ جي خدمتن جو اعتراف ڪير ڪندو جنھن جي قيادت ۽ رھنمائي ۾ چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري ۽ يوم عاشور جي اھم موقعن تي پوري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور تي بحال رھي، ان سلسلي ۾ عوام تھ رحمان ملڪ جي صلاحيتن مان گھڻو خوش نظر اچي ٿو ۽ اھو حڪومت کان مطالبو ڪري رھيو آھي تھ رحمان ملڪ جي صلاحيتن جو اعتراف حڪومتي سطح تي کيس ملڪ جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ڏئي ڪيو وڃي ۽ پو= رحمان ملڪ ڪامياب گھرو وزير ئي نھ پر عوامي حڪومت جو خيرخواھھ ۽ وفادار بھ آھي، جيڪو صدر مملڪت آصف علي زرداري جي قومي مفاھمتي فلسفي جي تڪميل جي لا= سڀ کان وڌيڪ متحرڪ آھي ۽ خاص ڪري حڪومت جي اتحادي پارڱين کي حڪومت سان متحد رکڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھو ڪيترن ئي موقعن تي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات ڪري سندن غلط فھميون ختم ڪري چڪو آھي، جڏھن تھ ملڪ جي ٻي وڏي ۽ موجودھ آپوزيشن جي سڀ کان وڏي سياسي پارڱي جي اڳواڻ شريف ڀائرن کي ميثاق جمھوريت تحت پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ بھ رحمان ملڪ سڀ کان اڳڀرو آھي. اھڙي ريت جمعيت علما= اسلام کي پرچائڻ ۽ قاف ليگ جي رھنمائن کي حڪومت جي ويجھو آڻڻ جي لاءِ رحمان ملڪ جون ڪوششون ڪنھن کان لڪل ڇپيل نھ آھن، ايستائين جو ايم ڪيو ايم پاران گذريل ڏينھن وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقاتن ۾ بھ رحمان ملڪ جو ھٿ آھي، لھذا رحمان ملڪ جي ملڪي تعمير ۽ ترقي، امن امان جي بحالي ۽ عوامي حڪومت جي آئيني مدت پوري ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار ۽ ڪوششن جو عوامي ۽ حڪومتي سطح تي اعتراف ڪيو وڃڻ ضروري آھي تھ جيئن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جا ٻيا رفيق بھ ملڪي تعمير وترقي ۽ عوامي حڪومت جي استحڪام ۾ وڌيڪ گرمجوشي سان پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن.