سنڌ جي وڏي وزير وڏي آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج کي سئي گيس ۽ ٽائيل ڊرينيج جي فراهمي جو افتتاح ڪيو
خيرپور :سنڌ جي وڏي وزير وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آچر ڏينهن آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج کي سئي گيس ۽ ٽائيل ڊرينيج جي فراهمي جو افتتاح ڪيو ۽ ڪميونٽي ڪاليج ۾ سائنس، آرٽس ۽ هنري نمائش جو دورو پڻ ڪيو جڏهن ته ڪاليج ۾منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پاران تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيوويوآهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پاران تعليم لاءِ عالمي بئنڪ پاران ڏنل 300 ملين روپين کي قابليت جي کوٽ جي ڪري ان جو صحيح استعمال نه ڪيو پر جڏهن ته موجوده حڪومت پاران عالمي بئنڪ پاران تعليم لاءِ ڏنل مالي امداد جو صحيح استعمال ڪندي صوبي اندر استادن جو ميرٽ تي ڀرتي ڪري تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ آمر پاران سنڌين جي قابليت تي شڪ ڪيو پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدرِ پاڪستان آصف علي خان زرداري جي قيادت ۾ ملڪ ۽ عوام جي خدمت کي هرهنڌ ساراهايو پيو وڃي. وڏي وزير آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي تعليمي معيار کي ساراهائيندي چيو ته اهڙا تعليمي ادار صوبي جي تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندا. ان موقعي تي ڊائرڪيٽر بورڊ آف گورنرس آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج نثار احمد صديقي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته وڏي وزير سان آر پي او سکر سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ٻيا سرڪاري عملدار توڙي پارٽي اڳواڻ وڏي وزير سان گڏ هئا.