حيدر آباد

سنڌ جي وستين واھڻن ۾ ثقافتي ڏينھن ملھايو ويو

culture day celebration 3 12 10حيدرآباد (نمائندن وٽان) عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سڏ تي سنڌ ميڊيا ڪلچرل فورم جي سڏ تي 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، پورو ملڪ سنڌ جي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو، سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ وستين، گهٽي گهٽي ۾ هزارين ماڻهن جون ريليون، هر سال سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان. ڪراچي مان اسان جي نمائندن ضياءُ قريشي، جي ايم خاصخيلي ۽ راهب ڳاهو موجب 4 ڊسمبر سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ لکين سنڌ واسي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، روڊن، گهٽين ۽ رستن کي جرڪائي ڇڏيو، پيپلزپارٽي طرفان صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي، صوبائي صلاحڪار راشد رباني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، صوبائي وزير رفيق انجنيئر ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب تي پهچڻ تي وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، ثقافت طرفان صوبائي وزير سسئي پليجو، ڊي جي ڪلچر ڊاڪٽر سڪندر پنهور ۽ ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي جي اڳواڻي ۾ مزار قائد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، اتان ريلي سي ويو تي پهتي، جتي ثقافت مليو ۽ ڪلچرل شو منعقد ڪيو ويو، جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان چيئرمين بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اي اين پي طرفان صوبائي صدر شاهي سيد ۽ صوبائي وزير نواب احمد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جسقم چيئرمين قمر ڀٽي، نواز ليگ اڳواڻ زين انصاري، جونا ڳڙهه مسلم فيڊريشن طرفان عبدالستار ڀٽي، محمد فاروق، سليم عباس ۽ ٻين طرفان به ريليون ڪڍيون ويون. ايم ڪيو ايم طرفان به ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان به هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، عوامي تحريڪ پيپلز امن ڪاميٽي ٻين قومپرست پارٽين طرفان به ريليون ڪڍيون ويون، سموريون ريليون پريس ڪلب پهتيون، جتي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ عوامي سمنڊ جو منظر هو، جتي ميوزيڪل شو به ٿيا، جنهن ۾ شازيه خشڪ، ناهيد علي، طفيل سنجراڻي، فياض ميراڻي، آفتاب فتح قومي گيت ڳائي حاضرين کي جهومائي ڇڏيو. هر طرف ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ شان اسان جو“ جهڙو گيت گونجندا رهيا، جڏهن ته پريس ڪلب ٻاهران عبرت گروپ سميت تعمير سنڌ ۽ عوامي آواز جو پڻ اسٽال لڳايو ويو هو.حيدرآباد ۾ به هزارين ماڻهن الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ۽ پريس ڪلب پهتا، جتي پورو ڏينهن جشن جاري رهيو، حيدرآباد ۾ اجرڪ، ٽوپي ۽ نوان ڪپڙا پاتل ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان عبرت بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڀرڳڙي هائوس کان پ پ ضلعي صدر ۽ صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ امان الله سيال، آفتاب خانزادو، وڏي وزير جي خاص معاون پرويز انصاري، اختر ڀرڳڙي، اقبال سومرو، ڀاشا قاضي، مير فتح ٽالپر، مرزا عاشق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پ پ ڪلچرل ونگ طرفان صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان دودو مهيري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سيو سنڌ موومينٽ طرفان شاهه محمد شاهه جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي. پ پ يوٿ، سپاف فنڪشنل ليگ ۽ ٻين پارٽين طرفان ريليون ڪڍيون ويون، پريس ڪلب آڏو سڄو ڏينهن ناريون، نوجوان وڏا ننڍا قومي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا، سڄو ڏينهن ميلي جو منظر هو. جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي، عوامي تحريڪ ۽ ٻين قومپرست ۽ سياسي پارٽين طرفان به وڏيون ريليون ڪڍيون ويون.عمرڪوٽ ضلعي مان نمائنده موجب عمرڪوٽ شهر کان پٿورو، سامارو ۽ ڪندي تائين صوبائي وزير علي مردان شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ شهرين قومي گيتن تي جهمريون هنيون، ڊگهڙي کان ٽنڊو جان محمد ۽ نئون ڪوٽ تائين پ پ جي ايم پي اي مير حاجي حيات ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، نئون ڪوٽ، جهڏو، ڪنري، عمرڪوٽ، مٺي، ڪلوئي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٽنهي ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏي پيماني تي ريليون ڪڍي قومي گيتن تي ريق ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ ايم پي اي شميم آرا جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ضلعي مان نمائندن موجب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي ۾ هزارين ماڻهن ايم پي اي منور علي عباسي جي اڳواڻي ۾ جناح باغ تائين ريلي ڪڍي وئي، سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن قومي گيتن تي رقص ڪيو، ڏوڪري ۾ هزارين ماڻهو ريليون ڪڍي موهن جو دڙو پهتا، نارين ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي رقص ڪيو، جڏهن ته ڪنگ بريسٽ جي مجسمي کي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍائي نمايان ڪيو ويو، قمبر، شهدادڪوٽ، رتوديرو ۽ نئون ديرو، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون، ضلعي مان نمائندن موجب قمبر، شهدادڪوٽ، ميروخان، سجاول جوڻيجو، وارهه، لالو رائنڪ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون. هالا ۾ ريليون ڪڍيون ويون، اسڪولن ۾ تقريبون ٿيون، نيو سعيد آباد جي 4 يوسيز ۾ ريليون نڪتيون، شهرن کي سينگاريو ويو، مٽياري ۾ ثقافتي پروگرام ٿيا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، ڀٽ شاهه ۾ لطيف جي درگاهه تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ درگاهه تي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون، مخدوم جميل درگاهه تي حاضري ڀري، ٽنڊوالهيار ۾ 12 فوٽ وڏي ٽوپي تيار ڪري نمائش لاءِ رکي وئي، شمشاد ستار بچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ٽنڊو محمد خان، ملاڪاتيار، دادو، ڪڪڙ، ڪوٽڙي، ڪي اين شاهه، سيتا روڊ، ڦلجي ميهڙ، فريد آباد، ڀان سيد آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون نڪتيون ۽ پروگرام ڪوٺايا ويا. سکر ۾ پ پ جي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ مشتاق سرهيو جي اڳواڻي ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، الرٽ… ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، متحده قومي موومينٽ جسقم، جسم ۽ ٻين پارٽين طرفان به زبردست ريليون ڪڍيون ويون. سانگهڙ، ٽنڊوآدم، شهدادپور، سنجهورو، مقصودو رند، کپري، ڄام نواز علي، پيرونمل، ڦلهڏيون، بڇيري، رڪن ٻرڙا، پريتم آباد، کڏڙو، جهول ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي جشن جو سماءُ هو، ٻئي طرف قومي گيتن تي سرقص هو، شهرين ۾ هزارين ماڻهن ريليون ڪڍي گهاري کان ٺٽو تائين متحده جي ايم پي اي هير سوهو جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين گاڏيون شامل هيو، ٺٽي ۾ پ پ ايم پي اي صادق ميمڻ ۽ ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جلسو به ٿيو، جنهن ۾ عبرت کي خراج تحسين يپش ڪيو ويو، چوهڙ جمالي ۾ صوبائي صلاحڪار غلام قادر ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا عبرت طرفان قائم استقباليه ڪيمپ تي پهتي، ڄامشورو ۾ صوبائي وزير موهن لال ڪوهستاني جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي سنڌو درياهه تي هزارين ماڻهن پهچي ڀيٽا ڏني ۽ گل نڇاور ڪيا، المنظر وٽ سڄو ڏينهن ميلو متل رهيو، هن ۾ جسقم طرفان هزارين ماڻهن جي ريلي سائين جي ايم سيد جي مزار تائين ڪڍي وئي. شڪارپور، سلمان ڪوٽ، لکي غلام شاهه، خانپور، چڪ ۽ ٻين شهرن مان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي شڪارپور پهتيون، جتي وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته ڪوٽ دراني مان صوبائي وزير آغا سراج دراني ۽ عابد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ڳڙهي خدا بخش پهتي. هوڏانهن جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ٺل، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو، پنوعاقل، خيرپور، ڪوٽڏيجي، گمبٽ، سيٺارجا ۽ ٻين شهرن ۾ به وڏي پيماني تي ريليون ڪڍيون ويون ۽ جشن ملهايو ويو. سنڌ جي سمورن قومپرستن سياسي ڌرين سماجي ۽ ادبي ڌرين، مذهبي پارٽين ۽ سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو. م-و
حيدرآباد (نمائندن وٽان) عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سڏ تي سنڌ ميڊيا ڪلچرل فورم جي سڏ تي 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، پورو ملڪ سنڌ جي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو، سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ وستين، گهٽي گهٽي ۾ هزارين ماڻهن جون ريليون، هر سال سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان. ڪراچي مان اسان جي نمائندن ضياءُ قريشي، جي ايم خاصخيلي ۽ راهب ڳاهو موجب 4 ڊسمبر سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ لکين سنڌ واسي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، روڊن، گهٽين ۽ رستن کي جرڪائي ڇڏيو، پيپلزپارٽي طرفان صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي، صوبائي صلاحڪار راشد رباني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، صوبائي وزير رفيق انجنيئر ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب تي پهچڻ تي وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، ثقافت طرفان صوبائي وزير سسئي پليجو، ڊي جي ڪلچر ڊاڪٽر سڪندر پنهور ۽ ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي جي اڳواڻي ۾ مزار قائد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، اتان ريلي سي ويو تي پهتي، جتي ثقافت مليو ۽ ڪلچرل شو منعقد ڪيو ويو، جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان چيئرمين بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اي اين پي طرفان صوبائي صدر شاهي سيد ۽ صوبائي وزير نواب احمد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جسقم چيئرمين قمر ڀٽي، نواز ليگ اڳواڻ زين انصاري، جونا ڳڙهه مسلم فيڊريشن طرفان عبدالستار ڀٽي، محمد فاروق، سليم عباس ۽ ٻين طرفان به ريليون ڪڍيون ويون. ايم ڪيو ايم طرفان به ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان به هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، عوامي تحريڪ پيپلز امن ڪاميٽي ٻين قومپرست پارٽين طرفان به ريليون ڪڍيون ويون، سموريون ريليون پريس ڪلب پهتيون، جتي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ عوامي سمنڊ جو منظر هو، جتي ميوزيڪل شو به ٿيا، جنهن ۾ شازيه خشڪ، ناهيد علي، طفيل سنجراڻي، فياض ميراڻي، آفتاب فتح قومي گيت ڳائي حاضرين کي جهومائي ڇڏيو. هر طرف ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ شان اسان جو“ جهڙو گيت گونجندا رهيا، جڏهن ته پريس ڪلب ٻاهران عبرت گروپ سميت تعمير سنڌ ۽ عوامي آواز جو پڻ اسٽال لڳايو ويو هو.حيدرآباد ۾ به هزارين ماڻهن الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ۽ پريس ڪلب پهتا، جتي پورو ڏينهن جشن جاري رهيو، حيدرآباد ۾ اجرڪ، ٽوپي ۽ نوان ڪپڙا پاتل ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان عبرت بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڀرڳڙي هائوس کان پ پ ضلعي صدر ۽ صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ امان الله سيال، آفتاب خانزادو، وڏي وزير جي خاص معاون پرويز انصاري، اختر ڀرڳڙي، اقبال سومرو، ڀاشا قاضي، مير فتح ٽالپر، مرزا عاشق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پ پ ڪلچرل ونگ طرفان صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان دودو مهيري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سيو سنڌ موومينٽ طرفان شاهه محمد شاهه جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي. پ پ يوٿ، سپاف فنڪشنل ليگ ۽ ٻين پارٽين طرفان ريليون ڪڍيون ويون، پريس ڪلب آڏو سڄو ڏينهن ناريون، نوجوان وڏا ننڍا قومي گيتن تي جهمريون هڻندا رهيا، سڄو ڏينهن ميلي جو منظر هو. جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي، عوامي تحريڪ ۽ ٻين قومپرست ۽ سياسي پارٽين طرفان به وڏيون ريليون ڪڍيون ويون.عمرڪوٽ ضلعي مان نمائنده موجب عمرڪوٽ شهر کان پٿورو، سامارو ۽ ڪندي تائين صوبائي وزير علي مردان شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ شهرين قومي گيتن تي جهمريون هنيون، ڊگهڙي کان ٽنڊو جان محمد ۽ نئون ڪوٽ تائين پ پ جي ايم پي اي مير حاجي حيات ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، نئون ڪوٽ، جهڏو، ڪنري، عمرڪوٽ، مٺي، ڪلوئي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٽنهي ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏي پيماني تي ريليون ڪڍي قومي گيتن تي ريق ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ ايم پي اي شميم آرا جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ضلعي مان نمائندن موجب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي ۾ هزارين ماڻهن ايم پي اي منور علي عباسي جي اڳواڻي ۾ جناح باغ تائين ريلي ڪڍي وئي، سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن قومي گيتن تي رقص ڪيو، ڏوڪري ۾ هزارين ماڻهو ريليون ڪڍي موهن جو دڙو پهتا، نارين ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي رقص ڪيو، جڏهن ته ڪنگ بريسٽ جي مجسمي کي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍائي نمايان ڪيو ويو، قمبر، شهدادڪوٽ، رتوديرو ۽ نئون ديرو، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون، ضلعي مان نمائندن موجب قمبر، شهدادڪوٽ، ميروخان، سجاول جوڻيجو، وارهه، لالو رائنڪ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون. هالا ۾ ريليون ڪڍيون ويون، اسڪولن ۾ تقريبون ٿيون، نيو سعيد آباد جي 4 يوسيز ۾ ريليون نڪتيون، شهرن کي سينگاريو ويو، مٽياري ۾ ثقافتي پروگرام ٿيا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، ڀٽ شاهه ۾ لطيف جي درگاهه تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ درگاهه تي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون، مخدوم جميل درگاهه تي حاضري ڀري، ٽنڊوالهيار ۾ 12 فوٽ وڏي ٽوپي تيار ڪري نمائش لاءِ رکي وئي، شمشاد ستار بچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ٽنڊو محمد خان، ملاڪاتيار، دادو، ڪڪڙ، ڪوٽڙي، ڪي اين شاهه، سيتا روڊ، ڦلجي ميهڙ، فريد آباد، ڀان سيد آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون نڪتيون ۽ پروگرام ڪوٺايا ويا. سکر ۾ پ پ جي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ مشتاق سرهيو جي اڳواڻي ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، الرٽ… ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، متحده قومي موومينٽ جسقم، جسم ۽ ٻين پارٽين طرفان به زبردست ريليون ڪڍيون ويون. سانگهڙ، ٽنڊوآدم، شهدادپور، سنجهورو، مقصودو رند، کپري، ڄام نواز علي، پيرونمل، ڦلهڏيون، بڇيري، رڪن ٻرڙا، پريتم آباد، کڏڙو، جهول ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي جشن جو سماءُ هو، ٻئي طرف قومي گيتن تي سرقص هو، شهرين ۾ هزارين ماڻهن ريليون ڪڍي گهاري کان ٺٽو تائين متحده جي ايم پي اي هير سوهو جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين گاڏيون شامل هيو، ٺٽي ۾ پ پ ايم پي اي صادق ميمڻ ۽ ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جلسو به ٿيو، جنهن ۾ عبرت کي خراج تحسين يپش ڪيو ويو، چوهڙ جمالي ۾ صوبائي صلاحڪار غلام قادر ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا عبرت طرفان قائم استقباليه ڪيمپ تي پهتي، ڄامشورو ۾ صوبائي وزير موهن لال ڪوهستاني جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي سنڌو درياهه تي هزارين ماڻهن پهچي ڀيٽا ڏني ۽ گل نڇاور ڪيا، المنظر وٽ سڄو ڏينهن ميلو متل رهيو، هن ۾ جسقم طرفان هزارين ماڻهن جي ريلي سائين جي ايم سيد جي مزار تائين ڪڍي وئي. شڪارپور، سلمان ڪوٽ، لکي غلام شاهه، خانپور، چڪ ۽ ٻين شهرن مان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي شڪارپور پهتيون، جتي وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته ڪوٽ دراني مان صوبائي وزير آغا سراج دراني ۽ عابد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ڳڙهي خدا بخش پهتي. هوڏانهن جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ٺل، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو، پنوعاقل، خيرپور، ڪوٽڏيجي، گمبٽ، سيٺارجا ۽ ٻين شهرن ۾ به وڏي پيماني تي ريليون ڪڍيون ويون ۽ جشن ملهايو ويو. سنڌ جي سمورن قومپرستن سياسي ڌرين سماجي ۽ ادبي ڌرين، مذهبي پارٽين ۽ سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو. نيوز ڊيسڪ
‘[flagallery gid=1 name=”سنڌ جي ثقافت جو ڌھاڙو”]’

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button