خيرپور
خيرپور ۾ ڊينگي وائرس ۾ ورتل 2 ڄڻا فوت
خيرپور (نيوز ڊيسڪ) خيرپور ضلعي ۾ ڊينگي وائرس جهڙي موذي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو. هڪ عورت سميت وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش ڦلپوٽي ۾ سونارو جاگيراڻي ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو هيو، جنهن کي نواب شاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته خيرپور ڀرسان ڳوٺ رکيل ڪٽوھر ۾ مسمات شاھل ڪٽوھر ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي وئي اھڙين شڪايتن باوجود خيرپور جي صحت کاتي جا عملدار خاموش تماشو بڻيل آھن ۽ ڪوبه اپاءَ نه پيو ورتو وڃي.