ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پُراڻي آهي ۽ موئن جو دڙو اسانجي مهذب تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪريٿو: سيد قائم علي شاهه
خيرپور :سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پُراڻي آهي ۽ موئن جو دڙو اسانجي مهذب تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪريٿو، ان وقت صحيح ٽائون پلاننگ ، ڊرينيج سسٽم ۽ رهڻي ڪهڻي جو طور طريقو انتهائي شاندار هو. هن اهڙو اظهار آچر ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضي هال شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ “ ثقافتي ورثي جي حفاظت” جي حوالي سان يونيورسٽي پاران ڪرايل ٻن ڏينهن واري عالمي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي صوفين امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو درس ڏنو. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت تمام قديمي ماڳ سنڌ حڪومت ۽ ٻين صوبن جي پڻ لاڳاپيل حڪومتن کي منتقل ڪيا ويا آهن جن حفاظت ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. وڏي وزير چيو ته ماڳن کي اصلي حالت ۾ بحالي لاءِ حڪومت پاران ڪوششون ڪيو پيون وڃن. هن چيو ته گذريل حڪومتن پاران قديمي ماڳن ڏانهن خاص توجهه ۽ ڌيان نه ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي قديمي ماڳن ۽ ورثن جي حفاظتي اقدام جي عدم موجودگي ڪري نقصان پهتو. وڏي وزير چيو ته عالمي ادارن جهڙوڪ يونيسڪو جي تعاون سان اهڙن قديمي ماڳن جي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ثقافت ۽ نواردات کاتي کي گڏجي ڪري صوبي جي قديمي ماڳن ۽ ورثن کي اصلي حالتن ۾ بحالي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي منصوبه بندي جوڙي پئي وڃي. آخر ۾ وڏي وزيريونيورسٽي پاران ڪرايل ورڪشاپ جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو خطاب ڪندي چيو ته ثقافت کاتي پاران صوبي جي قديمي ورثن جي حفاظت لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته مختلف علمي ۽ ادبي سرگرميون پڻ ڪرايون پيو وڃن. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران قديمي ماڳن جي حوالي سان هڪ جامع حڪمت عملي پڻ جوڙي پئي وڃي. جڏهن ته تقريب ۾ آيل مهمانن کي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه آجيان ڪئي ۽ چيوته موجوده حڪومت پاران ملڪ جي مختلف قديمي ماڳن جي حفاظت لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن. جڏهن ته تقريب کي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ پاران صوبي اندر مختلف قديمي ماڳن جي موجوده حالت کان آگاهي ڏني ۽ ماڳن جي حفاظت لاءِ ورتل مختلف حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ قدرتي ماڳن جي لاءِ وڌيڪ حفاظتي قدمن کڻڻ جي گُهر ڪئي. جڏهن ته تقريب کي اينڊومينٽ فنڊ جي چيئرمين جهانگير صديقي، يونيسڪو اسلام آباد جي ڊائريڪٽر پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ شمس جعفراڻي ۽ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر پاران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ صوبي جي مختلف ماڳن جي حفاظت لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ضلعي حڪومت پاران خيرپور جي ماڳن تي ڇپيل ڪتاب “ Khairpur – the Crown & Jewell of Sindh” جي مهورت ڪئي. جڏهن ته ورڪشاپ ۾ا يم اين اي غذرا پيچوهو، اشرف فضل ۽ قديمي ماڳن جي حوالي سان مقاله پڙهندڙ ماهرن ، پروفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.