تحقيق

سج گرهڻ

24 آڪٽومبر 1995 تي صبح جو سج گرهڻ ڏسڻ ۾ آئي جيڪا مشرق وسطى کان مشرق بعيد تائين ڏٺي ويئي، ايشيا جي وڏن وڏن ملڪن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي، پاڪستان ۾ ان کان پهريان 1954 ۾ نظر آئي هئي، درجه حرارت (ٽيمپريچر) ڪري پيو، سردي پوڻ لڳي ۽ ڌنڌلاڻ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا پوري پاڪستان ۾ ڏٺي ويئي ڪوئيٽا ۽ بهاولپور ۾ 6 بجي کان ئي شروع ٿي ويئي، ڀارت ۾ ان کي منحوس ڪري سمجهيو ويندو آهي، بمبئي ۽ دهليءَ ۾ جتي عام طرح گاڏين جي رش هوندي آهي، رستا بلڪل خالي رهيا، هندن صبح جو پڪل ماني ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ اهي گهرن ۾ ئي رهيا حامله عورتن ڌاتو مان ٺهيل ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لاتو چيو وڃي ٿو اگر ڪا عورت ان ڏينهن ڌاتوءَ مان بڻيل شيءِ کي هٿ لائيندي ته ان کي جيڪو ٻار ٿيندو اهو معذور هوندو تعليمي ادارا بند رهيا، اهو به چيو وڃي ٿو ته جڏهن سج گرهڻ ٿيندي آهي ته اهو تباهيءَ وارو سال ٿيندو آهي، حڪومتون برباد ٿي وينديون آهن. هندن ان ڏينهن تي گنگا ۾ غسل ڪيو ته جيئن گرهڻ جي نحوست کان بچي سگهن. ڪيترائي سائنسدان گرهڻ جي مشاهدي لاءِ ڪٺا ٿيا. ان ڏينهن تي مذهبي عبادات ادا ڪيون ويون، مسلمانن مسجدن ۾ نماز ڪسوف ادا ڪئي.
اچو ته هاڻي سائنسي نقطه نظر کان ڏسون ته سج گرهڻ ڇو ٿيندي آهي.
جڏهن چنڊ سج ۽ زمين جي وچ ۾ ائين اچي ويندو جو زمين جي ڪجهه حصي تي رهندڙ ماڻهن کي سج نظر ڪونه ايندو آهي. اتي چنڊ جو پاڇو زمين تي پوندو آهي جنهن ڪري سج جي روشني مڪمل طرح سان روڪجي ويندي آهي. اسين ائين چئي سگهون ٿا ته سج گرهڻ مڪمل طرح ٿي آهي، چنڊ جي سائيز ننڍي هئڻ ڪري ان جو مڪمل گرهڻ زمين جي ننڍي حصي تي نظر ايندو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button