لاڙڪاڻو
-
دسمبر- 2015 -6 دسمبرسنڌي ادب
لاڙڪاڻو: ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو ويو
لاڙڪاڻو:ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو آهي.ڪالهه ڪتابي ميلي جو افتتاح پيپلز پارٽي جي باني ميمبر ۽ جهوني سياستدان عبدالرزاق سومرو ۽ پ پ پ جي ايم پي اي غزاله سيال ڪيو. جنهن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ سميت اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتابي ميلي ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن، تصوف، تعليم، بائيو گرامي، فلسفي، سائنسي معلومات، راندين، ٻارڙن، ڪهاڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ جا ڪتاب رکيا ويا آهن. جتي شاگردن سميت مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڪتابي ميلي ۾ اچي ڪتابن جي خريداري ڪري رهيا آهن. ڪتابي ميلي ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي مشهور ليکڪن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن جا لکيل ڪتاب رکيا ويا آهن. ڪتابي ميلي ۾ احسان دانش، سجاد ميراڻي، رضوان گل، روشن شيخ، بشير احمد شاد، ڊاڪٽر حافظ سڪندر تنيو، استاد خالد چانڊيو شرڪت ڪندي چيو ته اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ڪتاب جي اهميت اڃان به برقرار آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب بهترين دوست آهن جن مان وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾…
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2013 -30 اکتوبر
نوازليگ اڳواڻ چيف آف مينگل عوام جو همدرد
پاڪستان مسلم ليگ ن جو اڳواڻ چيف آف مينگل نواب عبدالغني مينگل جيڪوتازودبئيکان پهنجي ملڪ پاڪستان پهتو ۽ جڏهن عيد ڪرڻ پهنجي شهر لاڙڪاڻي پهچڻ تي سندس قبيلي جي هزارن ماڻهن سميت نواز ليگ جي سوين ڪارڪنن پهنجي محبوب جي آجيان ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ تائين موئن جو داڙو ايئر پورٽ تي انتظار ۾ بيٺا رهيا
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2013 -23 جولائی
گوپانگ برادري جي جھيڙي ۾ قتل ٿيل ٻڻ مٽي ماءُ حوالي
ٻه ڏينهن اڳ باڊهه ويجھو ڳوٺ ٻاٻوري ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جي قتل ٿيل ٻن ڄڻن هاشم گوپانگ ۽ شاهد گوپانگ کي ڪالهه سوين آلين اکين آڏو باڊهه جي درگاهه شريف قبرستان ۾ مٽيءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -12 اپریل
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو پڌرو ڪيو آهي ته هن اسپتال جي سڀني مريضن ۽ عام ماڻهن جي فائدي لاءِ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 1352 بيڊن تي مشتمل آهي
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
غنويٰ ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رواني
پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ اربع جي ڏينهن سکر ايئرپورٽ تي پهتي
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
ڀٽو جي ورسي: ڳڙھي خدابخش جو جلسو منسوخ
پاڪستان پيپلز پارٽي جي دھشتگردي جي خطري جي ڪري خميس ڏينھن نئين ديري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ٿيندڙ جلسو منسوخ ڪري ڇڏيو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -10 مارچ
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي اڱڻ تي بيٺل ٽيڪسين جي ڊرائيورن ۽ باڊهه ڏسي دانهون ڪنيون، جنهن تي سوين شهري واقعي واري هنڌ پهچي باهه کي وسائي عمارت کي وڌيڪ سڙڻ کان بچائي ورتو
وڌيڪ پڙھو -
9 مارچ
باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف مظاھرو
باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف قومپرستن تنظيمن ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم ۽ ٻين پارٽين پاران ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
3 مارچ
بجليءَ جي ڪنڊي هڻڻ جي معاملي تان ٻن برادرين ۾ جهيڙو
لاڙڪاڻي شهر ۾ بجليءَ جي ڪنڊي هڻڻ جي معاملي تان مستوئي ۽ جاگيراڻي برادريءَ وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ، علائقي ۾ خوف، حراس، ايڊووڪيٽ سميت 3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، ٻنهين ڌرين پاران ٿاڻي تي هڪٻئي خلاف اين سي داخل
وڌيڪ پڙھو -
3 مارچ
پ پ پ جا پراڻا جيالا آهيون، پارٽي نظرانداز ڪيو، مگسي برادري
پ پ پ جا پراڻا جيالا آهيون، پر گذريل 5 سالن جي اندر اسان کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو