باڊھ

باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ ۾ مظاھرو
باڊھ ۾ مظاھرو

باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف قومپرستن تنظيمن ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم ۽ ٻين پارٽين پاران ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي قادر بروهي، اسد گوپانگ، حسن ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته 2 لک آبادي رکندڙ شهر باڊهه کي هن وقت تائين تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو، باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيو هو، جنهن کي 5 سال پورا ٿيڻ وارا آهن پر حڪمران اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button