تعليم ۽ نئين ٽھي
-
نومبر- 2017 -17 نومبرشاھ عبداللطيف يونيورسٽي
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مين ڪيمپس ۽ ان جي سمورن ڪيمپسز ۾ تعليمي سال 2018 ۾ سمورن فيڪلٽين ۽ تدريسي شعبن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ ۾ 22 نومبر 2017 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
اگست- 2016 -30 اگستشاھ عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور: ارم ناز ميمڻ جو ايم فل سيمينار شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ٿي گذريو
خيرپور (انّا) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي انتظام هيٺ محققه ارم ناز ميمڻ جو ايم فل سيمينار ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي محققه ارم ناز ميمڻ پنهنجو سيمينار تازي فروٽن جي رس جو تجزياتي مطالعو جي عنوان تي ڊاڪٽر واحد بخش جتوئي جي رهنمائي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر شر جي شريڪ رهنمائي ۾ پيش ڪندي چيو ته تازي فروٽن جي رس انساني جسم ۾ ٿوري وقت ۾ توانائي پهچائڻ جو ذريعو آهي ۽ تازي فروٽن جي رس پيئڻ سان جسم ۾ توانائي محسوس ٿئي ٿي. هن چيو ته تازي فروٽن جي رس سان انساني جسم ۾ پروٽين، وٽامن ۽ منرل حاصل ٿين ٿا. ان کان علاوه هي ڪمزوري کي به ختم ڪري ٿو. هن چيو ته فروٽ وٽامن سي ۽ وٽامن ڊي پهچائڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته تحقيق لاءِ مارڪيٽ مان مختلف فروٽ حاصل ڪري ان جو تجزياتي مطالعو ڪيو ويو. سيمينار جي موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ چيو ته تازي فروٽ جي رس سان انساني جسم ۾ توانائي جي گھٽتائي ختم ٿئي ٿي ۽ توائاني حاصل ٿئي ٿي. هن چيو ته محققه جو ڪم مستقبل ۾ تحقيق جون…
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2015 -8 دسمبرسنڌيونيورسٽي
سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڪرپشن تي ليڪچر پروگرام 9 ڊسمبر تي ٿيندو
سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽئگس جي ايڊوائيزر جي پڌرائي موجب ”ڪرپشن ڪيئن بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي، قانون جي بالادستي کان هٽڻ ۽ اخلاقي قدرن جي زوال کي هٿي ڏئي ٿي“
وڌيڪ پڙھو -
8 دسمبرتعليم ۽ نئين ٽھي
سنڌ زرعي يونيورسٽي رجسٽريشن عام رواجي في سان 10 ڊسمبر کان 24 ڊسمبر 2015 تائين وڌائي ڇڏي
حيدرآباد :سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انچارج ڊائريڪٽر ايڊوانسڊ اسٽيڊيز پڌرو ڪيو آهي ته پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام جي ايم ايس سي، ايم اِي، ايم ايس آءِ ٽي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي ٽئين ۽ پنجين (اوڊ سيريز) ۾ رجسٽريشن عام رواجي في سان 10 ڊسمبر کان 24 ڊسمبر 2015 تائين ٿيندي. جڏهن ته ليٽ في سان 28 ڊسمبر2015 کان 11 جنوري 2016 تائين ڪئي ويندي. جڏهن ته ڪلاس 4 جنوري 2016ع کان ئي شروع ٿي ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2015 -30 نومبرتعليم ۽ نئين ٽھي
لاڙڪاڻي ۾ ڊگري ڪاليج جي پرنسپل خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن پاران ٻارهين ڏينهن به ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سرور قريشي خلاف احتجاجي ڪئمپ جاري رکي.
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2014 -23 جولائیتعليم ۽ نئين ٽھي
سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ موسم خزان جي سيميسٽر ۾ داخلا پهرئين آگسٽ 2014ع کان شروع ڪئي پئي وڃي
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر عطا حسين موسوي جي جاري ڪيل پڌرائي موجب موسم خزان جي سيميسٽر ۾ داخلا پهرئين آگسٽ 2014ع کان شروع ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سکر ريجن ۾ پراسپيڪٽس ۽ ٻي معلومات لاءِ گهوٽڪي، سکر، ڏهرڪي، اوٻاوڙو ۾ رابطيڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائیتعليم ۽ نئين ٽھي
سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پاران داخلائون پهرئين آگسٽ کان شروع ٿينديون
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي هڪ پڌرائي موجب يونيورسٽي پاران سال 2014ع لاءِ ميٽرڪ کان وٺي پي ايڇ ڊي ليول جون داخلائون پهرئين آگسٽ کان شروع ٿينديون. پراسپيڪٽس ۽ داخلا فارم اسلام آباد ڪيمپس کان علاوه ريجنل ڪيمپس مان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2013 -20 دسمبرسنڌيونيورسٽي
سنڌ يونيورسٽي جو اڪيڊمڪ ڪنووڪيشن 21 ڊسمبر منعقد ٿي رهيو آهي
سنڌ يونيورسٽي جو اڪيڊمڪ ڪنووڪيشن بروز ڇنڇر 21 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿي رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2013 -26 نومبر
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خيرپور ڪئمپس پرو وائس پاران امتحاني مرڪزن جو دورو
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خيرپور ڪئمپس ۾ ريگيولر سيمسٽرامتحان شروع. پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو ويو،دوري دوران پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مهيا ڪيل سهولتن جو پڻ جائزو ورتو
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2013 -27 اکتوبر
سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو
ڪراچي يونيورسٽي جي آرٽس لابي ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ (تعليم مسئلن جو حل) جي موضوع تي سٿ جي جوائنٽ سيڪريٽري زويا فتح برفت ليڪچر ڏنو. تعليمي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. استادن کي سرڪاري سطح تي ٽريننگ ڪرائي وڃي
وڌيڪ پڙھو