سنڌ سماچار
-
ملڪ جو عوام پ پ پارٽي کان بيزار ٿي چڪو آهي، امداد چولياڻي
پي ايس 41 جي اميدوار ۽ نواز ليگ اڳواڻ امداد چولياڻي باڊهه ۾ صحافي ڀائرن عبدالخالق مغيري ۽ منصور مغيري سان سندن والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿيا
ايس يو پي پاران نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي ان موقعي تي غلام قادر لغاري، شفيع محمد گاڏھي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته جوھي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتات نه ٿي ڪري
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور: ڊومڪي پ پ پ کان ناراض، آزاد حيثيت سان وڙھڻ جو اعلان
اڳوڻي ايم پي اي غالب حسين ڊومڪي پ پ پ قيادت جي ٽڪيٽن واري فيصلي کي نه مڃيندي اين اي 210 تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جو ڪٺ ٿيو جنھن ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد غالب ڊومڪي اعلان ڪيو ته ھو پ پ پ ڇڏي آزاد حيثيت ۾ اين اي 210 تي چونڊ وڙھندو
وڌيڪ پڙھو -
ڪمشور:فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي
ڪمشور ۾ فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي، آبادگارن ڪڻڪ واپارين کي سستي اگھ تي ڏيڻ تي مجبور آھن، فوڊ کاتي پاران بند پيل سينٽرن اڃان تائين بحال نه ٿي سگھيا، آباد گارن غلام حيدر مزاري، حاجي نياز کوسو، رحمت الله چاچڙ ۽ ٻين چيو ته بند پيل سينٽر جلد کوليا وڃن نه ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
صالح: ھٿياربند مورتين مان سونا زيوري لاھي فرار، شھر ۾ ھڙتال
صالح پٽ جي تاريخ ۾ ڦر جي وڏي واردات چئن هٿياربندن گذريل رات ٻه بجي هندو محله جو مين گيٽ جا تالا ٽوڙي ٻن مندرن ڀيرم بادشاهه ۽ شو مندر جا تالا ٽوڙي مندر اندر رکيل مورتن مان سونا زيور لاهي بيحرمتي ڪرڻ بعد مورتن اڳيان رکيل چندي وارن پيٽن مان تالا ٽوڙي رقم ڪڍي فرار
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور: اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال
اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ مزاري گروپ جي احسان مزاري، عبد الرئوف کوسو، پ پ پ جي گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، محمد خان کوسو، آزاد اميدوار نريش ڪمار، فنڪشنل مسلم ليگ جي اقرار جکراڻي، اصغر بجاراڻي سميت ٻين اميدوارن جا فارم بحال ويا آھن.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن نارو، صوڀوديرو، گمبٽ ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور جي صحت کاتي جي عملي جي تعاون سان مڇرن جي بچاءُ لاءِ 76 هزار مضبوط مڇردانيون ورهايو ويون آهن جن جو مقصد مانهن کي مڇرن کان بچائڻ آهي حڪومت مليريا جهڙي خطرناڪ موذي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ رڌل آهي
وڌيڪ پڙھو -
عوام روايتي اميدوارن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏئي، نثار احمد ڀنڀرو
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نالي واري قانوندان نثار احمد ڀنڀرو چونڊ سرگرميون شروع ڪندي رسول آباد يوسي جي مختلف ڳوٺن بچل ڀنڀرو، ڳوٺ ٽانوري، ڳوٺ ٿيٻا، موٿپارجا ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهتل
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پهتل هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 موٽر سائڪلو ڦرجي ويون هٿياربندن وچ شهر ۾ اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور تان هزارين روپيه ڦر ڪري ويا وڌندڙ بدامني شهرين جو ساهه سڪائي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو