صحت ۽ زندگيھنڱورجا

خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون

انڊس نيوز، هنڱورجا
خيرپور ضلعي جي ڊائريڪٽر مليريا پروگرام سنڌ جي طرفان خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون آهن مليريا پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ناهيد جمالي ، ريجنل انچارج ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد علي شيخ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن نارو، صوڀوديرو، گمبٽ ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور جي صحت کاتي جي عملي جي تعاون سان مڇرن جي بچاءُ لاءِ 76 هزار مضبوط مڇردانيون ورهايو ويون آهن جن جو مقصد مانهن کي مڇرن کان بچائڻ آهي حڪومت مليريا جهڙي خطرناڪ موذي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ رڌل آهي ضلعي جي مڙني صحت مرڪزن کي مڇردانيون پڻ فراهم ڪيو ويون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button