جوھي

نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿيا

عباس گاڏھي، جوھي
جوھي: ايس يو پي پاران نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي ان موقعي تي غلام قادر لغاري، شفيع محمد گاڏھي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته جوھي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتات نه ٿي ڪري، ان لاءِ جوابدار مظاھرو ڪندڙن کي ۽ وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button