اليڪشن 2013ھنڱورجا

عوام روايتي اميدوارن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏئي، نثار احمد ڀنڀرو

انڊس نيوز، هنڱورجا
Nisar Ahmedپي ايس 33 جي آزاد اميدوار نالي واري قانوندان نثار احمد ڀنڀرو چونڊ سرگرميون شروع ڪندي رسول آباد يوسي جي مختلف ڳوٺن بچل ڀنڀرو، ڳوٺ ٽانوري، ڳوٺ ٿيٻا، موٿپارجا ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري تڪ جو عوام روايتي اميدوارن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏئي مون کي ڪامياب ڪندو. هن چيو ته چونڊيل نمائدن اڳ ۾ ڪڏهن به تڪ جي ماڻهن جي سار ناهي لڌي جنهن ڪري پي ايس 33 جو عوام اڄ به ڏتڙيل آهن ۽ هزارين ڳوٺ بجلي، گئس، ڊرينيج، اسڪول، صحت جهڙي سهولت کان محروم آهن. ڪاميابي حاصل ڪري تڪ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي ويندي ۽ ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. هي موقعو آهي ته هو روايتي آزمايل پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کي ووٽ ڏيڻ بدران پڙهيل لکيل ۽ غريب مظلوم ماڻهن جي هڏڏوکي اميدوارن کي ووٽ ڏين. ان دوران ڀنڀرا ، ٽانوري، شنباڻي، ميمڻ، ٿيٻا، ڪوري سميت ڪيترين ئي برادرين آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button